اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ وڌيڪ 5 ججز شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس عامر فاروق، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس اشتياق ابراهيم خان ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪيو ويو، پنج نون ججز جي منظوري کانپوءِ آئيني بينچ ۾ ججز جو انگ 8 مان وڌي 13 ٿي ويو، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، بلوچستان کان جسٽس هاشم ڪاڪڙ، اسلام آباد کان جسٽس عامر فاروق، ڪي پي کان جسٽس اشتياق ابراهيم، جسٽس شڪيل احمد، سنڌ مان جسٽس صلاح الدين پنهور کي آئيني بينچ جو حصو بڻايو ويو، ذريعن موجب آئيني بينچ ۾ پنج ججز شامل ڪرڻ جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏني وئي، جسٽس منصور شاهه، جسٽس منيب ۽ پي ٽي آءِ ميمبرز علي ظفر ۽ بئريسٽر گوهر مخالفت ڪئي، ذريعن موجب انهن راءِ ڏني ته سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ذريعن موجب آئيني بينچ ۾ وڌيڪ پنج ججز شامل ڪرڻ جي راءِ آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين ڏني، پي ٽي آءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، پي ٽي آءِ جو موقف هو ته آئيني بينچ ۾ ڪهڙا جج هجن اهو اختيار آئيني بينچ جي سربراهه وٽ نه هجڻ گهرجي، آئيني بينچ جو سربراهه صرف اهو چئي سگهندو ته کيس ڪيترا جج گهربل آهن، ڪهڙو جج بينچ ۾ شامل ٿيندو اهو جوڊيشل ڪميشن اڪثريت سان طئي ڪندي، ذريعن موجب جوڊيشل ڪميشن اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئن ايڊيشنل ججز جي مقرري جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز راجا غضنفر علي خان، طارق محمود باجوا، عبير گل خان ۽ تنوير احمد شيخ جي نالن جي منظوري ڏني وئي، راجا غضنفر علي خان کي 14 ووٽ، طارق محمود باجوا کي 12، عبير گل خان کي 11 ۽ تنوير احمد شيخ کي 10 ووٽ مليا. پڌرائي م چيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ لاءِ وڌيڪ ٽئي ججز نامزد ڪيا ويا، جسٽس رياضت سحر، جسٽس نثار ڀنڀرو، جسٽس عبدالحامد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جو حصو بڻجندا، اڪثريت راءِ سان اهڙي منظوري ڏني وئي. ڪميشن اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ وڌيڪ 5 ججز جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس صلاح الدين، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم کي شامل ڪرڻ جي منظورياڪثريت راءِ سان ڏني وئي، پڌرائي ۾ چيو ويو ته چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس ۾ ججز مقرري بابت طريقيڪار ٺاهڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪاميٽي آئيني بينچ ۾ ججز جي شموليت جو طريقيڪار به ٺاهيندي.