سپريم ڪورٽ: آئيني بينچ عام چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومتي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏيڻ واريون درخواستون رد

0
14
آئيني بينچ پهريون نوٽيس ورتو: ٻارن جي اغوا ڪيس ۾ سمورا آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽريز طلب
آئيني بينچ پهريون نوٽيس ورتو: ٻارن جي اغوا ڪيس ۾ سمورا آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽريز طلب

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ عام چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومتي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏيڻ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ سمورن صوبن کان کنيل قدمن جي رپورٽ طلب، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ 18 ڪيسن جون ٻڌڻيون هلايون، پهريون ڪيس ماحولياتي گدلاڻ جو هلايو ويو، بينچ ۾ جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر شامل، آئيني بينچ وفاق سميت سمورن صوبن کان ماحوليات جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن بابت ٽن هفتن اندر رپورٽ گهري ورتي، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اسان ماحوليات بابت سمورين شين کي ڏسنداسين، جسٽس مسرت هلالي چيو ته ملڪ ۾ هر جاءِ تي هائوسنگ سوسائٽيز ٺهي رهيون آهن، جسٽس جمال مندو خيل ريمارڪس ڏنا ته ماحولياتي گدلاڻ رڳو هڪ شهر نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي، ڇا ان دونهين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟ آئيني عدالت پي ڊي ايم حڪومت ۾ ٿيل قانونسازي کي غير قانوني قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست گذار تي ڏنڊ هڻي درخواست خارج ڪئي وئي، هڪ ٻئي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي، عدالت ڪيئن ڪنهن کي روڪي سگهي ٿي