سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس طارق مسعود خلاف شڪايت متفقه طور خارج ڪري ڇڏي
جسٽس مظاهر علي نقوي خلاف شڪايتن جو وقفي کانپوءِ جائزو ورتو ويندو
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ جسٽس سردار طارق مسعود خلاف آمنه ملڪ جي شڪايت تي غور ڪيو ويو
جڊيشل ڪائونسل جسٽس طارق مسعود خلاف شڪايت متفقه طور خارج ڪري ڇڏي
جسٽس مظاهر علي نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي پنهنجي خلاف ڪارروائي کي چئلينج ڪري چڪو آهي
جسٽس مظاهر نقوي وڪيل مخدوم علي خان ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل آئيني درخواست ۾ چيو آهي ته منهنجي خلاف شروع ڪيل مهم عدليه جي آزاديءَ تي حملو آهي، جڊيشل ڪائونسل منهنجا اعتراض ٻڌڻ کانسواءِ ايندڙ ڪارروائي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو
27آڪٽوبر تي جڊيشل ڪائونسل پاران پڌرائي جاري ڪري منهنجي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، مون کي ٽيڪس اختيارين طرفان ڪڏهن به ملڪيتن تي ڪو نوٽيس نه آيو آهي
جسٽس مظاهر نقوي سپريم جڊيشل ڪائونسل جي نوٽيس کي غيرقانوني قرار ڏئي ڪارروائي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي
درخواست ۾ وفاق، صدر ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي
هن کي به پڙهندا
جسٽس مظاهرعلي نقوي سپريم جڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏي
گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ڪندڙ جاچ آفيسرن جا نالا به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم