ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي اينٽي ڪرپشن عدالت ڪوئيٽا ٽائون سوسائٽيءَ جي اڳوڻن ايڊمنسٽريٽرن سميت 5 جوابدارن کي 5 , 5 سال ٽيپ ۽ 80 , 80 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو، صوبائي اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج جي عدالت ۾ ڪوئيٽا ٽائون سوسائٽي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران جاچ آفیسر شعيب سومرو عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن تي ڪوئيٽا ٽائون سوسائٽي سپر ھاءِ وي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري سوسائٽي جي فلاحي پلاٽن کي غيرقانوني وڪرو ڪري فنڊن ۾ ھيرا ڦيري ڪري ڪروڙين روپين جو نقصان رسايو آھي، جڏھن ته جوابدارن تي 2015 ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران 5 الڳ ـ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا ھئا، عدالت ڪوئيٽا ٽائون ڪوآپريٽو سوسائٽي سپر ھاءِ وي تي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر محمد افضل، حنيف اتيرو، الطاف ميمڻ، اختر پٺاڻ ۽ ٻين جوابدارن کي 5 , 5 سال ٽيپ ۽ 80 , 80 ھزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏھن ته عدالت ٻن جوابدارن شھزاد ۽ ظفر الله کي ثبوت نه ھجڻ جي بنياد تي بري ڪري ڇڏيو، سمورا جوابدار ضمانت تي آزاد ھئا، سزا ملڻ کان پوءِ اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالتي حڪمن تي جيل اماڻي ڇڏيو.