حيدرآباد: سپرنٽينڊنگ انجنيئر آپريشن سرڪل ميرپورخاص امير احمد ميمڻ کي بدلي ڪري آرٽي سي حيسڪو ڄامشورو سان سلهاڙيو ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي 18هين گريڊ جي ڊپٽي مئنيجر ريجنل اسٽور منظور علي مگسي کي بدلي ڪري قائم مقام ايس اي آپريشن سرڪل ميرپورخاص حيسڪو مقرر ڪيو ويو آهي. ايس اي ٿيفٽ رڪوري مانيٽرنگ سيل جلال الدين عباسي کي بدلي ڪري کيس ايس اي آپريشن سرڪل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي جتان ايس اي آپريشن سرڪل حيدرآباد فرمان علي ڏاهاڻي کي بدلي ڪري ريجنل مئنيجر ايم اينڊ ٽي مقرر ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ايس اي (ايم اينڊ ٽي) رشيد احمد انصاري کي بدلي ڪري جي ايم ٽيڪنيڪل رڪوري مانيٽرنگ سيل ڏانهن موڪليو ويو آهي جڏهن ته مئنيجر ايس اينڊ آءِ اعجاز احمد شيخ کي ريجنل مئنيجر (ايم اينڊ ٽي) جي اضافي چارج حوالي ڪئي وئي آهي. مئنيجر او اينڊ ايم عقيل نور ميمڻ کي بدلي ڪري مئنيجر ايم ايم حيسڪو مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي مئنيجر سي ايم اينڊ او عبدالقيوم ڀرڳڙي کي بدلي ڪري کيس قائم مقام مئنيجر سي اي (پي اينڊ اي) ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. ايس اي انچارج ڊيميج ٽرانسفارمر مانيٽرنگ سيل حيسڪو سهيل احمد شيخ کي بدلي ڪري ٿيفٽ رڪوري سيل ڏانهن موڪليو ويو آهي. مئنيجر ايم ايم عبدالحق شيخ کي مئنيجر پروڪريومينٽ (پي ايم يو) جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڪنسٽريڪشن نوابشاهه انصاف علي بروهي کي بدلي ڪري کيس پي ڊي ڪنسٽريڪشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي جتان قائم مقام پي ڊي ڪنسٽريڪشن ايگزيڪيوٽو انجنيئر آصف حسين ڀٽو کي بدلي ڪري کيس ڊپٽي مئنيجر سيفٽي مقرر ڪيو ويو آهي. گڏوگڏ کيس مئنيجر سي ايم اينڊ او جي اضافي چارج به حوالي ڪئي وئي آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر آپريشن ڊويزن قاسم آباد غلام فاروق تنيو کي بدلي ڪري کيس ايس اي آپريشن سرڪل حيسڪو لاڙ ڊويزن سان سلهاڙيو ويو آهي. سندس جاءِ تي ايگزيڪيوٽو انجنيئر آپريشن ڊويزن ڪوٽڙي افتخار احمد ميمڻ کي ايگزيڪيوٽو انجنيئر آپريشن ڊويزن قاسم آباد مقرر ڪيو ويو آهي. قائم مقام پي ڊي جي ايس سي مقصود احمد ڪوريجو کي بدلي ڪري قائم مقام پي ڊي ڪنسٽريڪشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايس ايس اينڊ ٽي ڊويزن صبيح الزمان کي بدلي ڪري کيس قائم مقام ايس اي جي ايس او سرڪل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. انچارج پي ڊي سي غلام سرور انڙ کي بدلي ڪري جي ايم ٽيڪنيڪل سان سلهاڙيو ويو آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر آپريشن ڊويزن حيسڪو ميرپورخاص سيد مختيار حسين کي بدلي ڪري ايس اي آپريشن سرڪل ميرپورخاص سان سلهاڙيو ويو آهي. ڊپٽي مئنيجر (ڊزائين) پي اينڊ جي انڊر چيف انجنيئر (پي اينڊ اي) غلام مصطفيٰ آرائين کي بدلي ڪري چيف فنانشل آفيسر حيسڪو سان سلهاڙيو ويو آهي. ڊپٽي مئنيجر ڊزائين ڊسٽرڪٽ انڊر چيف انجنيئر پي اينڊ اي حيسڪو جهانگير عامر کي ڊپٽي مئنيجر ڊزائين جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ايگزيڪيوٽو انجنيئر (جي سي) ڊويزن حيدرآباد سجاد حسين ميمڻ کي بدلي ڪري کيس قائم مقام پي ڊي جي ايس سي مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي سي ايم آپريشن سرڪل نوابشاهه اشفاق علي ڀٽي کي بدلي ڪري سرڪل مئنيجر ايم اينڊ ٽي نوابشاهه مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي مئنيجر پي اينڊ پي شاهد حسين دادئود پوٽو کي بدلي ڪري قائم مقام ايس اي آپريشن سرڪل لاڙ مقرر ڪيو ويو آهي. سينيئر انجنيئر ريجنل اسٽور حيسڪو حيدرآباد ڪنور ريحان سڪندر کي بدلي ڪري ڊپٽي مئنيجر پي اينڊ پي انڊر مئنيجر ايم ايم حيسڪو حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي مئنيجر ٽيڪنيڪل چيف آپريٽنگ آفيسر محمد ارشد شيخ کي بدلي ڪري کيس ايڪسين ايس ايس اينڊ ٽي ڊويزن جي ايس او حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. ايڪسين ايس ايس اينڊ ٽي ڊويزن ميرپورخاص ڏونگرو مل کي بدلي ڪري کيس ايس اي آپريشن سرڪل حيسڪو ميرپورخاص سان سلهاڙيو ويو آهي. ايڪسين ڪنسٽريڪشن ڊويزن ٽو حيدرآباد فهيم الله ميمڻ کي بدلي ڪري جي ايم ٽيڪنيڪل سان اٽيج ڪيو ويو آهي. کيس سنڌ گورنمينٽ بلنگ اينڊ رڪوري واري شعبي ۾ ذميواريون ڏنيون ويون آهن. ايڪسين اي ايل آر ورڪس ڪنسٽريڪشن ڊويزن حيدرآباد منير احمد شيخ کي بدلي ڪري کيس ايڪسين ڪنسٽريڪشن ڊويزن ٽو حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايڪسين ڪنسٽريڪشن ڊويزن نوابشاهه جون اضافي ذميواريون به سنڀاليندو. ايڪسين آپريشن ڊويزن ٽنڊو آدم عزيز احمد ڀٽو کي بدلي ڪري ايس اي آپريشن سرڪل حيدرآباد سان سلهاڙيو ويو آهي جڏهن ته ايڪسين آپريشن ڊويزن حيسڪو لطيف آباد فضل الرحمان کي بدلي ڪري کيس ايڪسين آپريشن ڊويزن ٽنڊو محمد خان مقرر ڪيو ويو آهي. ايڪسين آپريشن ڊويزن ٺٽو زين العابدين کي بدلي ڪري ڊي سي ايم آپريشن سرڪل حيسڪو لاڙ مقرر ڪيو ويو آهي. ايڪسين پي اينڊ آءِ جي ايس او حيدرآباد محمد ڪاشف خلجي کي ايڪسين ايس ايس اينڊ ٽي جي اضافي ذميواري ڏني وئي آهي. ڊپٽي مئنيجر ٽيڪنيڪل آپريشن سرڪل لاڙ مجيب الرحمان سيال کي بدلي ڪري کيس ايس اي آپريشن سرڪل حيدرآباد سان سلهاڙيو ويو آهي. ايڪسين آپريشن ڊويزن حيسڪو لطيف آباد ٽو منير احمد پنهور کي بدلي ڪري کيس ايڪسين آپريشن ڊويزن گاڏي کاتو مقرر ڪيو ويو آهي. ڊپٽي مئنيجر ويئر هائوس اينڊ انويسٽمئنيجمينٽ غوث بخش جتوئي کي بدلي ڪري ڊپٽي ريجنل مئنيجر اسٽور حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن بدين محمد ابراهيم ڪوريجو کي بدلي ڪري کيس قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن ٽنڊو محمد خان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته قائم مقام سرڪل مئنيجر (ايم اينڊ ٽي) ٽو لاڙ امجد علي شيخ کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن ڦليلي مقرر ڪيو ويو آهي. ايس ڊي او آپريشن ڊويزن اڏيرو لال نويد اختر چاچڙ کي بدلي ڪري کيس قائم مقام ڊپٽي ڪمرشل مئنيجر آپريشن سرڪل نوابشاهه مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت قائم مقام ايڪسين ڪنسٽريڪشن ڊويزن ون حيدرآباد اسد الله عامر کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي. فهيم احمد شيخ جيڪو ٽيسٽنگ انجنيئر ايم اينڊ ٽي حيدرآباد مقرر ٿيل هو تنهن کي بدلي ڪري قائم مقام سرڪل مئنيجر ايم اينڊ ٽي ٽو لاڙ مقرر ڪيو ويو آهي. قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊگهڙي علي رضا ڀٽي کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن بدين، ايس ڊي او ڪنسٽريڪشن ڊويزن وسيم احمد ڪورائي کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن ميرپورخاص، قائم مقام ڊپٽي ڪمرشل مئنيجر آپريشن سرڪل حيدرآباد فريد الدين ميمڻ کي بدلي ڪري قائم مقام ايگزيڪيوٽو انجنيئر آپريشن ڊويزن ٺٽو، قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن گاڏي کاتو سيد عاقب عباس شاهه کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن لطيف آباد ون، اسسٽنٽ مئنيجر ٽيڪنيڪل جي ايس او جاويد احمد شيخ کي بدلي ڪري قائم مقام ڊپٽي مئنيجر ٽيڪنيڪل آپريشن سرڪل حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. ايس ڊي او جي سي ايس ڊويزن ون جي ايس سي حيدرآباد علي مدد شاهه کي ايڪسين جي سي ڊويزن جي ايس سي حيدرآباد جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. قائم مقام ڊپٽي مئنيجر ٽيڪنيڪل آپريشن سرڪل حيدرآباد عامر نويد ميمڻ کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين اي ايل آر ورڪس ڪنسٽريڪشن ڊويزن، اسسٽنٽ مئنيجر فيلڊ اسٽور نوابشاهه احمد نواز عباسي کي ريجنل اسٽور مئنيجر حيسڪو جي اضافي چارج ڏني وئي آهي جڏهن ته ايس ڊي او ڪنسٽريڪشن ڊويزن ٺٽو شهزاد علي ڀرڳڙي کي بدلي ڪري ايس ڊي او ڪنسٽريڪشن ڊويزن ڪوٽڙي مقرر ڪيو ويو آهي. کيس ايس ڊي او ڪنسٽريڪشن ڊويزن ٺٽي جي اضافي چارج به حوالي ڪئي وئي آهي. ايس ڊي او ڪنسٽريڪشن ڊويزن بدين فهد احمد قريشي کي بدلي ڪري اسسٽنٽ مئنيجر ڪنسٽريڪشن انڊر پي ڊي ڪنسٽريڪشن حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته وٽس ايس ڊي او ڪنسٽريڪشن ڊويزن بدين جي چارج به حوالي ٿيل هوندي. ڊپٽي ڪمرشل مئنيجر آپريشن سرڪل لاڙ سجاد پرويز ميمڻ کي بدلي ڪري ايڪسين آپريشن ڊويزن حيسڪو ڪوٽڙي مقرر ڪيو ويو آهي. وٽس ڊپٽي مئنيجر ٽيڪنيڪل آپريشن سرڪل لاڙ جي اضافي چارج به هوندي. ايڪسين آپريشن ڊويزن ٽنڊو محمد خان عمران خان اعواڻ کي بدلي ڪري ايڪسين آپريشن ڊويزن ڊگهڙي مقرر ڪيو ويو آهي. مئنيجر پروڪريومينٽ پي ايم يو جاويد اختر آخوند کي بدلي ڪري ايس اي جي ايس او سرڪل حيدرآباد سان اٽيج ڪيو ويو آهي. گڏوگڏ قائم مقام ايڪسين آپريشن ڊويزن مٽياري عمران احمد شيخ کي بدلي ڪري قائم مقام ايڪسين ڪنسٽريڪشن ڊويزن ون حيسڪو حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي.