سٽي ڪائونسل ڪراچي جي اجلاس ۾ ميمبرز آمهون سامهون

0
98

ميئر ڪراچي جي صدارت هيٺ سٽي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ٻيهر گوڙ ٿيو آهي، پي ٽي آءِ ڇڏي آءِ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ميمبرز تقريرن دوران نعريبازي ڪئي وئي

جماعت اسلامي ميئر ڪراچي خلاف بي اعتمادي رِٿ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اجلاس ۾ سهڪار ڪيو، پر ميئر جو رويو سڀني ڏسي ورتو، ميونسپلٽي ٽئڪس ڪي اليڪٽرڪ جي بِلز ۾ اوڳاڙڻ ڪراچي سان دشمني آهي

هن چيو ته، بي اعتمادي رِٿ وسيلي قابض ميئر کي هٽايو ويندو، هاڻي ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو ميئر ايندو

سٽي ڪائونسل جي اجلاس بعد ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته اجلاس کي سٺي نموني هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پيپلز پارٽي سان بغض ۾ ماحول خراب ڪيو ويو