ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سٽي باز سرگرم ٿي ويا: سون 222000 رپيا تولو تي پهتو: ڊالر به مهانگو، ان ڏس ۾ وفاقي ادارن جي ڪاررواين بعد سون ۽ ڊالر ۾ آيل لاٿ عارضي ثابت ٿي، ڪالهه  ڪراچي ۾ سون  7000 رپيا واڌ سان 222000 رپيا في تولو ٿيڻ بعد سونارن سون جو وڪرو روڪي ڇڏيو، واضح رهي ته 2 ڏينهن ۾ سون جي اگهه ۾ 12000 رپيا واڌ ٿي آهي، جڏهن ته  چاندي 2900 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ رپيو واڌ سان 300 مان 301 ۽  انٽر بينڪ ۾ وري 1.07 رپيا لاٿ سان 298.82 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف  پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 375 مان 374 ۽ يورو وري 3 رپيا واڌ سان 322 مان 325 رپين تي پهتا هئا، جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪالهه بهتري نظر آئي، 100 انڊيڪس 68 پوائنٽن جي واڌ سان 45577 پوائنٽن تي بند ٿي.