سٺ ميل  (ن پ ا) سٺ ميل ڀرسان هوت فقير رند جي  عرس جي  تقريبن جو آغاز درگاهه جي سجاده نشينن مدد علي فقير، ذوالفقار علي،  ميوو فقير درگاهه تي چادر چاڙهي ڪيو، ميلي ۾ ميلي ۾ ڀلن اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ بلا چانگ جي اٺ مقابلو کٽي ورتو، گهوڙن جي ڊوڙ جي مقابلن ۾ محمد خان جوڻيجو جي گهوڙي مقابلو کٽيو، سنڌ پنجاب ڪٻڊي جي مقابلن ۾ سنڌ جي ٽيم رياض جٽ جي اڳواڻي ۾ مقابلو کٽي ورتو، جڏهن ته ملهه جي مقابلن ۾ پهرين جوڙ ۾ چنبيلي بروهي، ٻئي جوڙ ۾ ساجد لنڊ مقابلو کٽي ورتو، مقابلا کٽيندڙن کي سجاده نيشين روڪ انعام پڻ ڏنا.