سٺ ميل ۾ آبادگارن جو هٿرادو وارا بندي خلاف ڌرڻو

0
116

سٺ ميل جي آبادگارن آبپاشي عملي جي هٿرادو وارا بندي خلاف نصرت ڪينال وٽ روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو

آبادگارن جو چوڻ آهي ته ٽن مهينن کان جاري هٿرادو وارابندي سبب اسان جا فصل سڪي رهيا آهن

آبادگارن دانهيو ته اثر رسوخ رکندڙ وڏن آبادگارن کان رشوت وٺي کين رات جي وقت پاڻي ڏنو وڃي ٿو

مظاهرين پاران آبپاشي جي عملي کي هٽائي نيون مقرريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي