سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل جي يوسي ھوت فقير رند ۽ يوسي سهيلو ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ سيد شھنشاھ حسين نقوي پاران راشن ورهايو ويو،  سيد شهنشاهه حسين نقوي يوسي ھوت فقير رند ۽ يوسي سهيلو جي متاثر ڳوٺ ميرڻ خان رند، ڳوٺ مھرو رند، ڳوٺ محب رند ۽ ڳوٺ گاھي خان رند جو دورو ڪري متاثرن ۾ 100 راشن جا ڪٽا ۽ 500 مڇردانيون ورهايون، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي  سيد شهنشاهه حسين نقوي چيو ته برسات سبب سنڌ جا علائقا ٻڏي ويا آهن، حڪومت ۽ سرندي وارن کي گهرجي ته  متاثرن جي مدد ڪن.