سٺ ميل (رپورٽ: مبين مري) سٺ ميل ويجهو ڪارنهن الزام ھيٺ ناري ۽ نوجوان ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل، 2 جوابدار گرفتار، لاش وارثن حوالي، خبر موجب سٺ ميل ٿاڻي جي حد ديهه 105 جي ڳوٺ امام بخش رند ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ 20 سالا ڪنواري ناري ريشمان ڌيءُ امام بخش رند کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن 42 سالن جي غلام مصطفيٰ مري ويٺل ڳوٺ لعل خان مري ضلع سانگهڙ کي به ڪھاڙيون ۽ لٺيون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، مقتول ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ دوڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول همراهه جي ڀاءُ رياض مري ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ غلام مصطفيٰ مري ڳوٺ امام بخش رند ڀرسان پنهنجي زمين گهمڻ ويو هو، جتي کيس ڪهاڙيون هڻي بيگناهه قتل ڪيو ويو، سٺ ميل پوليس ٻڌايو ته ٻن جوابدارن برڪت رند ۽ سائين بخش رند ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو، واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي، واقعي ۾ ملوث ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.