سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمت خان مري ديھ 12 نصرت جي رهواسي  35 ورهين جي  نوجوان زمان خان مري جو سندس اوطاق مان ڳوليون لڳل لاش مليو ٻئي طرف دوڙ ٿاڻي جي حد رضا آباد واري علائقي مان 23 ورهين جي شادي شده ناري جو لاش ھٿ آيو، پوليس جي چوڻ مطابق ته نوجوان ۽ ناري کي غيرت جي نالي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آھي، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آھي ته جوابدار قتل ڪرڻ بعد پوليس وٽ پيش ٿيو آھي سندس سڃاڻپ ارشد مري طور ڪئي وئي آھي، ڊي ايس پي دوڙ واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي نوجوان جي وارثن اطلاع ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان دبئي ۾ ڪمائيندو هيو، ڪجھه ڏينهن اڳ ڳوٺ پهتو هو نوجوان ۽ ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.