نوابشاهه (رپورٽر) سٺ ميل ويجهو سدا واهه جي آرڊي 261 وٽان ڄامشوري جي رهواسي 2 ورهين جي ٻالڪ جو لاش ۽ سندس ماءُ جي منڍي هٿ ڪئي وئي، عورت جي سسي وڍيل لاش 2 مهينا اڳ بيگاهه موري وٽان هٿ آيو هو، عورت کي پسند جي شادي ڪرڻ تان مائٽن مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو، ايس ايچ او مير حسن ڀنگوار ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ دوڙ ۾ مقرر هئس ته ان وقت ڄامشوري جي رهواسڻ مسمات زبيدهه هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي هئي ته سندس ننهن مسمات آمنا ۽ سندس پوٽي 2 سالا مرتضيٰ جتوئي کي ننهن جا مائٽ اغوا ڪري دوڙ کڻي ويا آهن، هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي اسان مسمات زبيدهه جي ڌيءُ کي بازياب ڪرائي هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو هو، جيڪا واثن حوالي ٿي هئي، ان کانپوءِ اسان الزام هيٺ آيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو، بعد ۾ ان ٽائيم 2 مهينا اڳ ڄام صاحب ٿاڻي جي حد بيگاهه موري وٽان هڪ عورت جو سسي وڍيل لاش هٿ آيو هو، جنهن جي ڊي اين اي گرفتار جوابدارن سان ميچ ٿيڻ تي سڃاڻپ آمنا جتوئي طور ٿي هئي، جوابدارن جي نشاندهي تي سدا واهه جي آر ڊي 261 وٽان ٻوري ۾ بند عورت آمنا جتوئي جي منڍي، مٿي جا وار ۽ سندس 2 ورهين جي پٽ مرتضيٰ جتوئي جي لاش جا هڏا هٿ ڪيا آهن، جن کي وڌيڪ جاچ لاءِ نوابشاهه اسپتال موڪليو آهي، اسان وٽ قتل جا 2 جوابدار گرفتار ٿيل آهن، جن جا نالا نٿو ٻڌائي سگهان، عورت آمنا جتوئي 2016 ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن کي وارثن مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو.