سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ويجهو بزرگ اولياءَ حضرت ھوت فقير رند جي ميلي جون تقريبون شروع ٿي ويون، درگاھ جي گادي نشين ذوالفقار علي فقير رند، اڪبر فقير رند، نجف فقير رند، رجب فقير رند ۽ ٻين درگاھ تي چادر چاڙھي ميلي جو افتتاح ڪيو، ميلي جي چئن ڏينهن واري تقريب ۾ گھوڙن، اٺن ۽ ڏاندن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ ڪرايا ويندا، جڏھن ته ملھه، ڪٻٽي ۽ ڪرڪيٽ جا مقابلا پڻ جاري رھندا، ميلي اندر عوام جي تفريح لاءِ سرڪس شو، چوڏيل ۽ موت جي کوھ جا پنڊال سجي ويا، جڏھن ته ميلي اندر دڪاندارن ڪشمش، مٺائي ۽ رانديڪن جي دڪانن کي سينگاري ميلي کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو، عرس مبارڪ جي موقعي تي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پانڌيئڙن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ٻئي طرف حد جي پوليس طرفان ميلي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آھن.