سٺ ميل(ن پ ا) سٺ ميل ويجهو مال جي واڙي کي باهه لڳڻ سبب 30 ٻڪريون سڙي مري ويون، خبر موجب ڳوٺ خير محمد مري ۾ استاد علي غلام مري جي مال جي واڙي کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ٻڪريون سڙي مري ويون، اطلاع تي فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، پر ان اکان اڳ واڙو مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو، پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو.