لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي ته آئيڊيل بڻجي سگهي ٿو ۽ قوم بڻجي ملڪ سان سوچيون ته پاڪستان جي تقدير مَٽجي سگهي ٿي. آزادي ڏهاڙي تي مريم نواز اقبال جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته الله پاڪ پاڪستان کي سدائين قائم رکي، هي ملڪ الله طرفان اسان لاءِ هڪ عظيم نعمت آهي، قوم کي واڌايون پيش ڪيان ٿي، جيترو هي وطن اسان جو آهي، ايترو ئي اقليتن جو به آهي، پاڪستان ۾ هر شخص کي برابر حق حاصل آهن. سندس چوڻ هو سياسي استحڪام سان پاڪستان آئيڊيل ملڪ بڻجي سگهي ٿو، هڪ قوم بڻجي سوچيون ته ملڪ جي تقدير تبديل ٿي سگهي ٿي، آزادي ڏهاڙي جو قدر انهن قومن کان پڇو جيڪي ظلم جو شڪار آهن، اسان کي آزادي ڏهاڙي جو قدر ڪرڻ گهرجي