سِول اسپتال خيرپور: مفرور انتظاميا، مجبور معالجَ

0
117
سِول اسپتال خيرپور: مفرور انتظاميا، مجبور معالجَ

 خيرپور ميرس 8 تعلقن تي مشتمل سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ضلعو آھي. سيد قائم علي شاھه صاحب پنھنجي وڏ وزارت واري دؤر ۾ ھتي ھڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪرايو، جنهنجي قيام سان سِول اسپتال خيرپور کي “ٽيچنگ اسپتال” جو درجو مليو. اسپتال جي نئين عاليشان عمارت جي تعمير جي منظوري ڏئي، ان جو ڪم فورن شروع ته ڪرايو ويو،پر10 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود اهو اڏاوتي ڪم اڃا جاري آھي.

                 هن ميڊيڪل ڪاليج،تدريس جو ڪم شروع ته ڪري ڏنو، پر ان جي رجسٽريشن لاءِ ان کي“پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل” (پي ايم ڊي سيءَ) کان اعتراض نه هئڻ وارو سرٽيفڪيٽ (اين او سي) اڃا ناهي ملي سگھيو ۽ آخر ۾ اھو ٻڌڻ ۾ آيو ته حڪومت جيڪڏھن 15 ڪروڙ روپين جي لاڳت جون ٻه مشينون ’سي ٽي اسڪين‘ ۽ ’ايم. آر.آءِ‘ مشين گھرائي، اِتي نصب ڪرائي ته پوءِ ڪاليج جي رجسٽريشن آسانيءَ سان ٿي ويندي. ان لاءِ ڪاليج جي شاگردن، استادن، اسٽاف ۽ شھرين احتجاج پڻ ڪيو ته اهي مشينون فراهم ڪري ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن جو مرحلو آسان ڪيو وڃي، پر موجوده سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ بدستُور تاخيري حربن کان ڪم وٺندي رھِي. آخر شاگردن جي پھرين بئچ جي تدريس جو وقت پورو ٿيو ۽ انھن جي ڊگريءَ جو مسئلو پيدا ٿيڻ وارو ھو، ته مجبورن ڪاليج جو الحاق، پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نوابشاھه سان ڪيو ويو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته مذڪوره مشينن جي تنصيب هتي تاحال نه ٿي سگھي آھي.

افسوس آهي! ته سول اسپتال خيرپور ۾ ٽِيچنگ اسپتال جو درجو ملڻ باوجود اڃا تائين سمورين ۽ مڪمل سهولتن سان ليس،“انتهائي پرگھور واري شعبي” (آئي سِي يُو) جي سھولت موجود ناھي. ان ڏس ۾ مثال طور هڪ ڪيس جو ذڪر ڪجي ته، تازو 6 آڪٽومبر 2022ع تي خيرپور ضلعي جي دريائي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل علائقي مان ھڪ عورت مريضه کي هن اسپتال جي سينيئر ترين سرجن کي ڏيکاريو ويو. مريضه کي پِتي ۾ پَٿري جي شڪايت ھئي. ڊاڪٽر صاحب ان کي وارڊ ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو، پر ان ڏينھن مريضه کي وارڊ ۾ بسترو نه ملي سگھيو،پر پوءِ به سندس بنيادي علاج شروع ڪيو ويو ۽ ٽيسٽون وغيره ڪرايون ويون. ٻئي ڏينھن ان کي وارڊ ۾ داخلا لاءِ جاءِ (بيڊ) ملي ويو ۽هڪ ھفتو انتظار ڪرڻ کان پوءِ ان مريضه جو آپريشن جو نمبر آيو.

13 آڪٽومبر 2022ع تي آپريشن ٿيئٽر ۾ ڊاڪٽرن ھڪ ٻئي مريض کي ان جي آپريشن کان اڳ، حسبِ معمول بيهوش ڪري جسم تي اڃا ڪٽ لڳايو ئي مسَ، ته عين ان وقت بجلي بند ٿي وئي. افسوس ۽ ڳڻتيءَ جو مقام آهي، ته اربين روپيه خرچ ڪري خوبصورت دروديوار واري اڏيل ھن هيڏي ساري اسپتال ۾ اسٽينڊ باءِ جنريٽر جو بندوبست به نه ھو. ان صورتحال ۾ ڊاڪٽرن جو پريشان ٿيڻ ھڪ فطري عمل ھو، ته آخر ان مريض جو ڇا ٿيندو، جيڪو آپريشن ٽيبل تي بيهوش پيو ھو!؟ جيڪڏهن ان جو ڪو برو نتيجو نڪتو ته عام ماڻهن جي نظر ۾ ڏوھي ته ڊاڪٽر ئي قرار ڏنا ويندا،حالانڪه اهو ڏوهه انتظاميه جو ھو. بالآخر اٽڪل اڌ ڪلاڪ بعد جنريٽر ھليو ۽ ڊاڪٽرن پنھنجي سرجريءَ جو رهيل ڪم مڪمل ڪيو. ان واقعي بعد ڊاڪٽر ايترا محتاط ٿي ويا، جو معمُول جي اُبتڙ ڪنهن به سرجريءَ لاءِ ڪا معمولي رِسڪ کڻڻ لاءِ به تيار نه ھئا.انهن اُن اڳ ذڪر ڪيل پِتي جي پٿريءَ واري مريضه کي به بيهوش ڪرڻ۽ سندس آپريشن کان اھو چئي انڪار ڪيو، ته دل جي ماهر ڊاڪٽر (ڪارڊيالاجسٽَ) پنھنجي راءِ ۾ ان مريضه کي گھٽ خطري واري حالت(لو رِسڪ) تي دل جي مرض ۾ مبتلا قرار ڏنو ھو.جنهن ڪري بيهوشيءَ واري ڊاڪٽر (اينسٿِيزسٽ) اھو چئي انڪار ڪيو، ته ان مريضه کي انڪري وڌيڪ خطري وارِي حالت (هاءِ رسڪ) ٿو تصور ڪيو وڃي، جو اسپتال ۾ متبادل (بَيڪ اَپ) طور مڪمل سهولتن وارو “انتهائي نگهداشت جو شعبو” (آئي سِي يُو)ئي موجود ناھي.جيڪڏهن مريضه کي آپريشن دؤران دل جِي ڪا تڪليف ٿي وڃي، ته وٽن کيس بچائڻ جو ڪو جوڳو متبادل بندوبست ناھي. دل جي ماهر ڊاڪٽر (ڪارڊيالاجسٽ) کان سندس دل جي ڪارڪردگيءَ جي بنيادي رپورٽ “اِيڪو ڪارڊيو گرام” (اِي سِي جِي) ورجائَي ڪرائي وئي، ته رپورٽ ۽ رايو ساڳيا اڳ جهڙا اچڻ ڪري،بيهوشيءَ واري ڊاڪٽر،آپريشن جي عمل ۽ ان لاءِ کيس بيهوش ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو. حالانڪه گھٽ خطري واري حالت (لو رِسڪ) تي ته لڳ ڀڳ ھر مريض ھوندو آھي.

14 آڪٽومبر 2022ع تي ٻيھر بيهوشيءَ واري سينيئر ڊاڪٽر(اينسٿيزسٽ) کان رايو ورتو ويو،ته سرجن سان صلاح ڪري مريضه کي اسپتال مان ئي فارغ ڪري، سکر يا ڪراچيءَ وڃڻ جومشوروڏنو ويو. جيئن اها ڳالهه عام جام مشهور آهي، ته اُتر سنڌ جا سرڪاري ڊاڪٽر لکين روپيه پگھار اهو چوڻ جو وٺندا آهن، ته “مريض کي ڪراچيءَ کڻائي وڃو!” خود ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ جهڙو گُردن جي مرضن جو ملڪ جو وڏو معالج اڪثر اها شڪايت ڪندو آهي، ته لاڙڪاڻي، سکر ۽ خيرپور جا ڊاڪٽر ڪيسَ بگاڙي اسان ڏانهن موڪلينداآهن. پوءِ انهن منجھان گھڻن مريضن جي جان بچائڻ به مشڪل ٿي پوندو آهي!

دريائي ٻوڏ ۽ برسات سٽيل مجبور اها مذڪوره مريضه، جيڪا خانگي اسپتال يا ڪراچي وڃڻ جي مالي سگهه نه سارڻ جي ڪري سرڪاري اسپتال جوسھارو وٺڻ تي مجبور ھئي، اھا ھاڻي ڪيڏانھن وڃي! ۽ ڪنھن جي در دانھي!

ڇا هن هيڏي ساريءَ نام نهاد ٽيچنگ اسپتال جي انتظاميه اسٽينڊ باءِ جنريٽر ۽ سمورين سهُولتن سان آراسته “انتهائي نگهداشت وارو شعبي” (آئي سِي يوءَ) جھڙي بنياديسهولت به مڪاني شهرين کي ڏيڻ جي لائق ناھي!؟

ان کانسواءِاسپتال ۾روشنيءَ جي انتظام، بيت الخلا (واش رومز)، فرش ۽ ڀتين تي لڳل ٽائيلز توڙي فرنيچر جو ته برو حال آھي، پر تمام ضروري طبي آلن ۽ مشينريءَ جي فراهمي ۽ انهن جي مناسب سنڀال (مينٽيننس) جو خيال به نه رکِي سگھندڙ هن اسپتال ۾ مريضن کي ملندڙ دوائن جو حال به پورو سارو آھي. ته پوءِعوام ذميوارن کان اهو سوال ڪرڻ ۾ حق بجانب ضرور آهي، ته هن ميڊيڪل ڪاليج ۽ ان جي ٽيچنگ اسپتال جي مد ۾ جاري ٿيندڙ ھيڏي ساري بجيٽ ڪيڏانھن ٿي وڃي!

ڇا اربين روپيه خرچ ڪري خوبصورت ڀتيون ٺاھڻ کي سُٺي اسپتال چئبو؟ جتي نه اسٽينڊ باءِ جنريٽر جي سهولت موجُود ھجي! نه وينٽيليٽر ۽ زندگيءَ جي ٻين ضروري سهُولتن وارو “انتهائي پرگھور وارو شعبو” (آئي سي يُو) ھجي!؟ ۽ ان اڻهوند جي ڪري، مجبور ۽ مسڪين مريضن کي سکر جي خانگي اسپتالن يا ڪراچيءَ موڪليو وڃي؟جيڪڏهن اھي سھولتون هتي موجود آھن، ته پوءِ ڊاڪٽر،لاچار مريضن کي ٻين هنڌن ڏانهن ريفر ڇو ٿا ڪن!؟ ڏھن سالن کان وڌيڪ عرصي کان مسلسل تعميرات جو ڪم ھلڻ واريءَ هن اسپتال ۾ جيڪڏهن مريضن لاءِ صحت جون مڪمل سھولتون، تربيت يافته ۽ ڊيوٽيءَ جو پابند عملو نه ھوندو، ته پوءِ هن خوبصورت عمارت ۽ ان جي سهڻين ڀِتين جو ڪھڙو فائدو!؟ ھن ترقي يافته دؤر ۾ “سي ٽِي اسڪين” ۽ “ايم آر آءِ” جھڙين عام ٽيسٽن لاءِ مريضن کي ٻئي ھنڌ موڪلڻ حڪومتِ وقت ۽ اسپتال جي انتظاميا لاءِهڪ وڏو سواليه نشان آھي.جيڪو هر ڪنهن کي سوچڻ تي مجبُور ٿو ڪري ته تعليم ۽ صحت جھڙيون بنيادي سھولتون عوام کي بنا گھرئي مهيا ڪرڻ آخر حڪمرانن ۽ حڪومتن جي ترجيح ڇو ناهي؟ ۽ سرڪار پاران اڻ ڳڻين مريضن کي مذڪوره سهولتون فراهم نه ڪري آسانيءَ سان مرڻ ڇو ٿو ڏنو وڃي!؟ ڇا انساني زندگي ايڏي سستي ٿي وئي آهي؟

ان سوال تي هاڻي به نه سوچيو ويو، ته پوءِ گھڻي دير ٿي ويندي.