سِنڌو ته سون ئي سون آھي

0
49
سِنڌو ته سون ئي سون آھي

تاريخ ۾ سِنڌوءَ کي سونو درياءَ به چيو ويو آھي، ته ان جي پاڻيءَ مان فصل ڏيندڙ مِٽيءَ کي سون ورني ڌرتي به چيو ويندو آھي. سنڌو درياءَ جي تاريخ ته لکين سال پراڻي آھي پر ان جي ڪنارن توڙي ان ۾ ايندڙ پاڻين واري سموري سنڌو ماٿريءَ ۾ جڏھن انساني آبادي وڌي ته ان کي ڌاتو ۾ جيڪا شئي سڀ کان قيمتي ملي اھو سون ھو. لڳ ڀڳ 32 سئو ڪلوميٽرن جو سفر ڪري عربي سمنڊ ۾ ايندڙ سنڌو ئي نه پر سنڌو سڀيتا جي سمورن علائقن ۾ صحرا ھجي يا پھاڙ ان مان سون جا ذخيرا ملندا رھيا آھن. ھونئن ته سون کي ڪارائتي ڪتب آڻڻ جي شروعات 31 سئو قبل مسيح مصرين ڪئي ھئي پر سنڌو سڀيتا جا جيئن جيئن ڪيئي تھ کُلندا ويندا ته ھتان جي حوالي سان اڃان ڪيئي راز کُلندا. ويجھڙ ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا پاران لڳ ڀڳ ٻارنھن سئو کان پندرنھن سئو ارب ٻڌائي وڃي ٿي. ٻنھي صوبن ان حوالي سان جيالاجيڪل سروي جا حوالا ڏنا آھن. جيڪڏھن اھي حوالا نه به اچن ته تاريخ جي رڪارڊ ۾ به موجود آھي ته ھن خطي ۾ اڻ ميو سون رھيو آھي ۽ ان جي ان دولت کي صدين کان لٽ مار ڪندڙ افغانستان کان توڙي ايران کان ٿيندا آيا ھئا، جن سنڌو سلطنت توڙي سنڌو سڀيتا جي حصن مان سون لٽيو. رڪارڊ ۾ پھريون حوالو دُنيا جي پھرين تاريخ “تاريخون” ۾ ملي ٿي، اھو ڪتاب پنجين صدي قبل مسيح دوران دنيا جي پھرين تاريخدان ھيروڊوٽس لکيو ھو. جنھن لکيو آھي ته، سنڌوءَ واري پاسي کان وٺي ايٿوپيا تائين وڏي مقدار ۾ سون ايندو هو، جنهن لاءِ هن لکيو آهي ته اھو سون هن پنھنجي اکين سان ڏٺو ھو. سندس لکت موجب سنڌ جي ان حصي تي داريوش يا دارا بادشاهه جو قبضو ھو ۽ اھو سلطنت جو ويهون صوبو هو. هيروڊوٽس موجب دارا کي سمورن صوبن کان وڌيڪ جزيو سنڌ بلوچستان تي ٻڌل صوبي مان ايندو هو. جيڪو سون ۽ چانديءَ جي صورت ۾ هو، جيڪو اڄوڪي دور جي تور جي حساب سان لڳ ڀڳ پنج هزار کان ست هزار ڪلو تائين هوندو هو.

جڏھن ته ھاڻ فارس جي نقش رستم مان سائرس توڙي داريوش/ دارا ۽ ٻين فارس جي بادشاھن جي لکڻين ۽ محلن مان سنڌ مان آيل سون جون ثابتيون مليون آھن ۽ ان وقت جي لکتن ۾ به آيل آھي. جيستائين سنڌ فارس توڙي يونانين جي سلطنتن جي قبضي ھيٺ رھي، اھي ھاڻوڪي سنڌ، پنجاب، گجرات، بلوچستان، ڪي پي ۽ ٻين حصن مان سنڌوءَ جو توڙي کاڻين جو سون ميڙيندا رھيا. جيڪو سلسلو تاريخ جي ھر دور ۾ رھيو آھي. سنڌو ماٿري توڙي سنڌو تھذيب سڄي دنيا جي اڪثر حصن کي تھذيب يافته بڻائڻ لاءِ پنھنجو خزانو لُٽائيندي ۽ علم ورھائيندي رھي آھي پر پاڻ اڄ به ڪنھن لُٽيل بيواھ جيان ئي آھي.

ھيروڊوٽس جي حوالي سان جنت السنڌ، ڪتاب ۾ رحيم داد خان مولائي شيدائي لکيو آھي، “اڳ الور ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون….سنڌو نديءَ جي واريءَ مان به سون ملي ٿو”.

ھيروڊوٽس جي “تاريخون” ڪتاب جي ان بيانيئي ته، “سنڌ جي صحرا مان جانورن جيتريون ڪوليون سون کوٽينديون ھيون، ان کي اسڪالرس وڌاءُ قرار ڏنو آھي ته اتي اھو ڳُجھ به کوليو ته سنڌوءَ ۾، خاص طور ھماليا جبلن کان وٺي وڏا واڳون ۽ ڊائنوسار ھئا، جن جي درياءَ ۽ ڀرپاسي کوٽ سبب سنڌُوءَ مان سون نڪري ايندو ھو. اھڙي ڳالھ ھيروڊوٽس جي “ھسٽريز” ڪتاب ۾ تعارف واري حصي ۾ ئي ڏنل آهي”.

ان ڪتاب موجب ئي دارا جو سنڌ ويھون صوبو ھو، جتان کيس جزيئي ۾ سون ملندو ھو. ھيروڊوٽس اھو سون پاڻ اکين سان ڏسڻ جي ڳالھ ڪئي آھي. اھو سون دارا کي سڀني صوبن کان وڌيڪ ملندو ھو. سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سون جي حوالي سان ايم ايڇ پنھور جي ڪتاب پيرائتي سنڌ جي ڪٿا ۾ صفحي 52 تي آھي ته، 23 قبلِ مسيح دوران “سون جو ڳهن ڳٺن وغيره لاءِ استعمال، هڙپائي ماڳن ثابت ڪيو آهي”. وري صفحي 65 تي آھي، “موھن جي دڙي مان سون ۽ پٿر جا ھار به مليا”. ايئن ئي پنھور صاحب صفحي 89 تي ھيروڊوٽس جي ڪتاب توڙي ٻين يوناني ڪتابن جي مواد آڌار  519.518 ق-م بابت لکيو آھي، “دارا ھستاپس سنڌ ۽ ڪڇ کي ايراني سلطنت ۾ گڏائي ڇڏيو. ڊيرڪ نالي چاندي ۽ سون جو سڪو پنھنجي سڄي سلطنت ۾ متعارف ڪرايائين، جيڪا نيل جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياءَ ۽ آمو کان عربي ۽ ڀُونوِچ ٻنھي سمنڊن تائين پکڙيل ھئي. سلطنت سئٽراپين ۾ ورھايل ھئي، ھر سئٽراپي جو سربراھ ھڪ گورنر ھو ۽ ان جو بچاءُ ھڪ الڳ جنرل جي ھٿ ھيٺ ھو، جيڪي ٻئي آزاد ۽ سڌو سنئون دارا وٽ جوابده ھئا. سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان گڏجي ويھين سئٽراپي ٺھيا ٿي، جنھن مان آمدني 360 قنطار (ٽئلنٽ) سون ھئي __ سلطنت جي سموري اوڳاڙيءَ جو 25 سيڪڙو __جيتوڻيڪ علائقي جي حساب سان اھا پنج سيڪڙو ھئي.” پنھور صاحب عرب دنيا جي مک تاريخدانن جا حوالا ڏئي سنڌوءَ جي شھرن جي سون جا ڪافي حوالا ڏنا آھن، جيئن “خسرو پرويز 610_ 626ع ۾ ملتان ۾ سون ۽ چانديءَ جا سڪا ٺپيا.. (پيرائتي سنڌ ڪٿا ص. 151). “محمد بن قاسم ملتان فتح ڪيو …. شھر مان ھٿ آيل لُٽ جي مال ۾ 230 مڻ سونيون سرون ۽ 13200 سون جو ٻُورو شامل ھئا، جيڪي سڀ ملائي 13430 مڻ رڳو سون ٿئي ٿو. کين ھڪ سونو بت به ھٿ آيو. (پيرائتي سنڌ ڪٿا ص. 175).

ساڳئي بيان بابت “جنت السنڌ” ڪتاب ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي لکيو آھي، “ملتان فتح ٿيڻ کانپوءِ ھڪڙي برھمڻ غازي، محمد بن قاسم کي ھڪڙي حوض ھيٺان پوريل خزاني جو ڏس ڏنو، جو راجا جسوين دفنايو ھو. غازي موصوف کي حوض ھيٺان 330 ديڳيون خزاني سان ڀريل ھٿ لڳيون، جن ۾ 13 ھزار 300 مڻ سون ھو. سمورو خزانو جھازن وسيلي ديبل کان بصري ڏانھن روانو ڪيو ويو”. يقيني طور تي ان وقت جي وزن جي مقدار ۾ فرق ھوندو. جنت السنڌ ۾ اڳتي آھي ته، “ڪرمان ويجھو دمدان جي کاڻين مان عربن کي سون مليو”.

بن قاسم سنڌ جي ھر شھر مان سون لٽيو ۽ خليفي ڏانھن موڪلي ان جي خالي ٿيل خزاني کي ڀريو. ملتان واري سون جي ڦرلٽ جو احوال سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل “چچنامي” ۾ ھن ريت آھي، “پوءِ محمد بن قاسم انهيءَ بت کڻڻ جو حڪم ڏنو. ان جي هيٺان ٻه سئو ٽيهه مڻ سون ۽ چاليهه مڻ سون جي ڪاتر سان ڀريل نڪتا. جملي تيرهن هزار ٻه سئو مڻ تور سون دفن ٿيل نڪتو. اهو سون ۽ بت خزاني ۾ آندائون. تنهن کان سواءِ جواهر ۽ موتي، جيڪي ملتان جي شهر جي لٽ مان هٿ آيا، سي ۽ ٻيا خزانا ۽ دفينا به هٿ ڪيائون”.

عربن بعد سنڌ ۾ جيڪي به حڪمران آيا، انھن سنڌو سڀيتا جي ھر علائقي مان بي دولت سان سون به لٽيو. ايم ايڇ پنھور سومرن جي بادشاھ بابت ڪتاب “تصويرِ سنڌ” ۾ به سون جي سڪن بابت لکيو آھي ۽ سون جي ڦُرلٽ بابت لکيو اٿائين. ھندستان جي برطانوي دور جي بيٺڪيتي راڄ دوران سنڌ سميت سموري ھندستان جي حوالي سان استا پٽنائڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي پريس آمريڪا پاران ڇپرايل تحقيق موجب انھن ھتان 45 ٽريل ڊالر ميڙي پاڻ کي ٺاھيو. ان ۾ به سون جو وڏو مقدار ھو، جنھن مان انھن پنھنجي بادشاھن ۽ راڻين جا سِڪا جاري ڪيا ھئا. ڪتاب موجب برطانوي راڄ سون ۽ چانديءَ جي بدلي وارو واپار ختم ڪري پنھنجا سڪا لاڳو ڪيا.

سنڌو صدين کان سونو رھيو آھي پر ان جي ڪنارن تي رھندڙ ماڻھو ستابا ناھن ٿي سگھيا. ڀلي سون جي کاڻين جا مالڪ ڏکڻ پنجاب جا ھجن يا وري سنڌ بلوچستان جا. سنڌو ھن خطي جي ماڻھن جو جيئدان آھي. ان جي پاڻيءَ سان مٽي به سوني ٿي ويندي آھي ۽ پنھنجي اندر به سون جا خزانا آڻيندو رھي ٿو. صدين تائين سنڌو اهو سون سمنڊ تائين ورهائيندو هو. نه ڪي رڪاوٽون هيون، نه ڪي اوچا بند، بندشن وارا ڊيم ۽ بيراج هئا. سنڌو ته سڀ جو رهيو آھي، ان جو پاڻي ته ورھائين ٿا پر سون رڳو اھي ٻه صوبا رکن ٿا؟! اھا ھڪ ويچار جي ڳالھ ضرور آھي.