عادتون سُٺيون به آھن خراب پڻ. سُٺين عادتن کي پنھنجي سماج تي لاڳو ڪندڙ ملڪ ۽ قومون ترقي ڪندا آھن ۽ برين عادتن وارا انڌي کُوھ ۾ ڪريل ڪنھن انسان وانگي رڙيون ڪري بي فيض ھٿوراڙيون ھڻندي رھجي ويندا آھن. پنھنجي سماج اندر اڪثريت ڪنھن نه ڪنھن عادت جي وڪڙ ۾ آيل نظر اچي پئي. ڪيترائي سگريٽ، چرس، ڀنگ، شراب پيئڻ، گٽڪو، پان، سوپاري، آئيس، آفيم ۽ ھيروئن واپرائڻ جھڙين بُرين عادتن جا قيدي آھن. ھاڻي شھري ھجن يا ٻھراڙيءَ جا ماڻھو، انھن کي جيڪڏھن چانھ نه ملي ته سندن اک ئي جيڪر نه کُلي. ان کان سواءِ ڪيترا وقت جي زيان ڪرڻ جا چئمپين آھن، سڄو ڏينھن ھوٽلن، اوطاقن تي ويھي ڊاڙون ھڻڻ، خيالي پلاءُ پچائڻ انھن جو بھترين مشغلو آھي. ڪيتريون ئي گهريلو قسم جون عورتون جيستائين ھڪ ٻئي سان ويھي اوڙي پاڙي جي گِلا غيبت نه ڪن ته جيڪر سندن ماني ھضم نه ٿئي. ھاڻي جيڪو موبائيل فون جو مرض نڪتو آھي، ان نئين نسلن جي تباھيءَ جا پورا امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آھن. نوجوان نسل پب جي، ٽڪ ٽاڪ، فيس بوڪ ۽ گيمنگ جا غلام بڻجي ويا آھن، ٻار ڪورس جي ڪتابن کي اُڇلائي رات ڏينھن ڪارٽون پيا ڏسن. قبائلي اثر وارن سماجن ۾ پنھنجي قبيلي کي اُتم ۽ ٻين کي گهٽ سمجھڻ واري بدعت عام ھوندي آھي ۽ اھڙن سماجن ۾ قبائلي جھيڙا، قتل عام ٿيڻ عام ھوندا آھن. اھي تعليم کان پاسيرا رھندا آھن، جن جي ھٿن ۾ قلم بدران بندوق ھوندي آھي. ڪنھن به سماج ۾ جڏھن فرد وڏي تعداد ۾ ان قسم جي وبائي عادتن جا مريض ٿيندا آھن ته پوءِ اھو سماجي مرض ٿي پوندو آھي، مثال طور، پنھنجو پاڪستاني، ھندستاني، بنگلاديشي، افغانستاني سماج آھن. مائڪرو سطح تي سنڌي سماج کي پڻ ڳڻي سگهجي ٿو. اسان جي سماجن کي سياست، مذھب، قبائليت جي خوني قسم جي عادتن جي ور ڄاڻي واڻي چاڙھيو ويو آھي. ھتي تباھي ۽ بربادي پکيڙندڙ عادتن کي اپنائڻ، چپٽي وڄائڻ جھڙو سھل بڻايو ويو آھي پر جيڪڏھن ڪو فرد يا ڪي گروھ اھڙي زھريلي وڪڙن مان جان آجي ڪرائڻ جا خواھشمند آھن ته انھن جي زندگين کي زھر بڻائڻ جا پورا پورا امڪان پيدا ڪيا ويا آھن.

تبديلي يا انقلاب آڻڻ جو ڇا مقصد آھي؟ اھو ئي نه، ته پنھنجي قوم کي ذھني غلاميءَ مان آجپو ڏيارجي، سماجي ترقي جي راھن تي ھلڻ سيکارجي، مثبت سياسي سرگرمين جو عادي بڻائجي، ان جي نفسياتي بيمارين جو علاج ڪري کيس سڌي دڳ سان لڳائي سماجي، عمراني، سياسي، اقتصادي ترقيءَ جي گسن تي ھلائجي. ھڪ اھڙي سماج جي جوڙجڪ کي يقيني بڻائجي، جنھن ۾ تحفظ ھجي، امن ھجي، تعليم سان گڏ روزگار ھجي، صحت جون سھولتون ھجن. اھو تڏھن ممڪن ھوندو آھي، جڏھن سماجي براين کان سُٺين ۽ مثبت سرگرمين ڏانھن قوم جي واڳ کي موڙي سگهجي. سترھين، ارڙھين ۽ اوڻويھين صدي جي پھرين ڏھاڪن تائين روسي سماج اسان جي قبائلي علائقن جھڙو ھو، شھنشاھيت ھئي. غربت ۽ بيمارين جو اتي آماجگاھ ھو. ان پس منظر کي سمجھڻ لاءِ فيودر دوستو ئيفسڪي جو ناول (POOR FOLK)  جنھن جو اردو ۾ ترجمو “ذلتون ڪي ماري لوگ” سان ڪري ڇپايل آھي پڙھڻ گهرجي. ان قاتل سماج کي 1917ع سرخ انقلاب ھڪ عظيم ترقيءَ جي راھ ڏيکاري. روس کي سوويت يونين جي جھنڊي ھيٺ ھڪ عظيم ترقي ڪندڙ ملڪن جي صفن ۾ بيھارڻ وارو ڪامريڊ لينن، سندن پارٽي ۽ ڪامريڊ ھئا، جن جي اڳواڻي ۾ ذلتن جي ماريل ھارين، مزدورن، ٻين پورھيتن ۽ سماج جي باشعور فردن ڌرتي ڌوڏيندڙ انقلاب آڻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي ھئي.

ڪامريڊ مائوزيتنگ آفيمي چيني قوم کي سجاڳ ڪري، عظيم عاليشان لانگ مارچون ڪري، انھن کي منظم ۽ شعور جي تعليم سان مالامال ڪري ھڪ اھڙي معاشري جو بنياد رکيو ھو، جنھن تي ھلي اھا آفيمي قوم ھن وقت دنيا جي پھرين نمبر تي ترقي ڪيل قوم ٿي اُڀري آھي. اھڙي معجزي کي رونما ٿيندي ڪي صديون ناھن لڳيون، بس اھو ستر اسي سالن جو سفر ھو، جيڪو ڪاميابيءَ سان طئي ڪري چيني اڄوڪي شانائتي منزل تي رسيا آھن. چين جھڙي وسيع ملڪ کي پنھنجي ڪالوني طور رکندڙ جاپاني قوم تي ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪي سامراج ٻه ايٽم بم ڪيرائي سندس ٻن صنعتي شھرن ناگاسڪي ۽ ھيروشيما کي رک بڻائي ڇڏيو ھو ۽ جاپانين جي چيلھ چِٻي ڪري ڇڏي ھئي. جاپانين ذلت ڀري شڪست قبول ڪئي ھئي پر پوءِ پوري دنيا ڏٺو ته ھيروشيما ۽ ناگاساڪي جھڙن عظيم اقتصادي سگھ رکندڙ شھرن جي تباھيءَ جي رک مان جاپان وارا وري اُڀري آيا ۽ ھاڻي جاپان ھڪ سڌريل ۽ عظيم ترقي ڪيل ملڪ آھي. ملائيشيا جي ترقيءَ جو وري انوکو مثال ھي آھي ته، انھن کي جڏھن ڊاڪٽر مھاتير محمد جھڙو قابل ۽ پنھنجي قوم کي ترقي ڪرائڻ وارو دلي درد رکندڙ اڳواڻ مليو ته ٿورن ئي سالن ۾ ملائيشيا جي سُڃاڻپ ايشين ٽائيگر جي نالي سان ٿي.

پاڪستان، ھندستان، بنگلاديش جھڙن ملڪن لاءِ پڻ ان قسم جي ترقي ڪرڻ جا امڪان ھئا پر اھي ان ڪري پوئتي رھجي ويا، ڇو ته انھن سماجن سندن اندروني بُرين عادتن، ريتن، رسمن، رواجن، سياسي بدديانتين جي پوڄا ڪئي. اسان جي برصغير جي ملڪن جي توجھ سندن پنھنجي ترقيءَ طرف گهٽ پر پاڙيسري جي اقتصادي تباھي ڏانھن وڌيڪ رھي آھي. انھن ملڪن نفرت کي رياست جو بنياد بڻايو ۽ ان نفرت واري روئي کين سواءِ رسوائي ۽ ذلت جي، ڪجھ به نه ڏنو ۽ انھن ملڪن جي پيرن ۾ مضبوط لوھي سنگھرو وجھي کين ترقيءَ جي راھن تي سفر ڪرڻ وارن امڪانن کي ٻُنجو ڏيئي ڇڏيو ۽ اقتصادي، معاشرتي، سماجي ترقي ڪرڻ جا جيڪا امڪان ھئا، اھي ختم ٿي ويا.

جيتوڻيڪ ھندستان، بنگلاديش، سريلنڪا ۽ ڪنھن حد تائين افغانستان جھڙن ملڪن گذريل ڪيترن ڏھاڪن اندر سندن سماج اندر آيل زلزلن مان ڪنھن حد تائين ڪي سبق حاصل ڪيا آھن ۽ اھي سماجي ڌٻڻن مان جان آجي ڪرڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيا آھن پر پاڪستانين جي صورتحال ڪنھن به صورت ۾ چڱي ناھي، جيئن ٿڌ تيئن وڌ وانگر پاڪستان جو سماج سماجي خودڪشي ڪرڻ جي ضد تي اٽڪيل ٿو نظر اچي. ڪشمير جي نالي ۾ ھندستان سان جهيڙو، آمريڪا جي چرچ تي ڪڏھن افغانستان ۾ جھاد جي نالي فساد برپا ڪندڙن سان گڏ وڙھندڙ ته وري ان جي ششڪر تي جھادي طالبان خلاف جنگ جو حصو بڻجڻ. لکين افغانين جي قافلن جا ڳوڙھا اُگھندڙ اسٽيبلشمينٽ وٽ ھاڻي انھن ساڳين افغاني شھرين کي پاڪستان مان واپس پنھنجي ملڪ موڪلڻ ممڪن ئي ناھي رھيو. انهن جي اهڙي حڪمتِ عمليءَ جي ڪري ئي ھاڻي افغاني اسان جي ڪنھن به ڳالھ، واعدي تي ڪنھن به صورت ۾ اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناھن ۽ ھُو پاڪستاني رياست کي پنھنجو دشمن نمبر ون سمجھن ٿا. اسان جي رياست ايران سان پنھنجا تعلقات ڪڏھن به سنوت ۾ ان ڪري ناھن رکيا ته متان آقا آمريڪي سامراج اسان مٿان ڏمرجي نه پوي. جيڪڏھن اسان پنھنجي آزاد /ڏسو صفحو 7 بقايا 01

خارجي پالسي رکندي ايران سان واپاري ڏي وٺ کي قانوني بڻايون ھا ته شايد پاڪستان ۾ پئٽرول جي قيمت پنجاھ رپين تائين ھجي ھا ۽ اسان جي معيشت کي وڏي مثبت ٽيڪ مليل ھجي ھا.

چونڊن ۾ ھير ڦير، آئين سان ھٿ چراند، دھشتگردن سان ياريون، دھشتگرديءَ جي مخالفت ڪندڙن تي سختيون، ننڍن صوبن سان ڏاڍايون “طاقتور ڌُرين” جا پسنديده حربا رھيا آھن. ھاڃيڪار پاليسين جي ڪري پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ سياست ڪندڙ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ ۽ سردار اختر مينگل جي ھٿن مان بلوچستان سرڪي رھيو آھي، جنھن جو اظھار ڪيترن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ سردار اختر مينگل قومي اسيمبليءَ مان استعيفا ڏيڻ بعد ڪري چڪو آھي. بلوچستان ۾ اُتي جي تنظيمن جي ويڙھاند وڌي وئي آھي. ڪي پي ڪي ۾ منظور پشتين وارن قومي جرڳو ڪري پنھنجي پاليسي واضح ڪئي آھي. سنڌ جي سماج ۾ مذھبي ھم آھنگي کي پرزا پرزا ڪرڻ، نسلي نفرت وڌائڻ، بدامني جي باھ ڀڙڪائي عدم تحفظ جو احساس اُڀارڻ، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ سُڪائڻ وارا منصوبا پاڪستاني رياست ۽ رياستي ادارن وڏي طم طراق سان لاڳو ڪيا آھن. ھتي اُنهن جا ايجنٽ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جھڙا واقعا ڪرائي سنڌ جي پرامن ماحول کي مذھبي فسادن جي ور چاڙھڻ جون سرٽوڙ ڪوششون ڪري رھيا آھن. اوندھ جا رکوالا ان ۾ ڪڏھن ڪامياب ته ڪڏھن شعور مند سنڌي ماڻھن جي مزاحمت ڪندي ناڪام ٿيندا رھيا آھن.

اسان سنڌ وارن کي نڀاڳ جي ننڊ مان جاڳڻ گهرجي، اسان کي سماجي براين مان جان آجي ڪري، پنھنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ تبديلي ڪا اَڪَ جي ماکي ناهي، جنهن کي سولائيءَ سان لاھي مٺاس جو مزو ماڻي وٺجي. تبديلي ڏُکي ۽ اڻانگھي آهي، تبديليءَ لاءِ وڏو جوش ۽ جذبو گهرجي، اھڙو جذبو، جيڪو انسان جون رات جون ننڊون ۽ ڏينھن جو آرام ڦِٽائي ڇڏي. تبديلي يا انقلاب جو مطلب ھڪ اردو جي شعر وانگر ته، “ايڪ آگ ڪا دريا ھي، اور ڊُوب ڪي جانا ھي….”  سنڌي عوام کي ڌوکي ۾ رکندڙ پيري مريدي جي غلاماڻي گسن کي ڇڏي درسگاھن جي روشن راھن ڏانھن اچڻ گهرجي. فرقيواريت کي ڏيھ نيڪالي ڏيڻ گهرجي. قومپرستي جي آڙ ۾ ڀتاخوري، داداگيري ۽ تعليم دشمنيءَ جي روش کي دفنائڻ گهرجي. ذات پات تي فخر بدران انھن جي عزت ڪرڻ گهرجي، جيڪي علم وارا ھجن، جيڪي قوم کي خوشحال، آباد ڪرڻ جو درد رکندا ھجن، ڀلي انھن جو ڪھڙو به مذھب يا قبيلو ھجي. اسان جي شاعرن، اديبن، قلمڪارن، دانشورن کي مزاحمتي ادب تخليق ڪرڻ گهرجي، جنھن کي پڙھي نوجوان نسل ۾ پنھنجي ڌرتي، عوام، انسانيت سان پيار سان گڏ چڱائيءَ جي حصول لاءِ جدوجھد جا جذبا جاڳن. سياستدان ڪُوڙن، دلفريب نعرن جي آڙ ۾ عام ماڻهن کي سبز باغ ڏيکارڻ بند ڪن، سياست کي عبادت جو درجو ڏيئي ماڻهن جي خدمت ڪن. وقت جي اھم تقاضا آھي ته، سنڌي قوم کي ھر محاذ ۽ ھر سطح تي برين عادتن مان جند ڇڏائي پنھنجو پاڻ کي مثبت سرگرمين ڏانھن آڻڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ اسان جي ڳڻپ بهترين قومن ۾ ٿئي.