سُور ڪشمور جا، درد ڪنڌڪوٽ جو!

0
23
سُور ڪشمور جا، درد ڪنڌڪوٽ جو!

زراعت، زرخيز زمينن، پاڻي، گئس، بجلي توڙي ٻين معدني وسيلن سان مالامال “ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ” ضلعو سنڌ جي ٻين شهر وانگي پڻ مسئلن جو ڳڙھ آهي۔ 2004 ۾ هن شهر کي ضلعي جو درجو ڏيئي “ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ” جو نالو ڏنو ويو۔ هي ٽن تعلقن (ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ تنگواڻي) تي مشتمل آهي، انکانسواءِ اڌ درجن کن ٽائونز ۽ سوا سئو کن يونين ڪائونسلن تي مشتمل هي ڪشمور شهر هميشه ٻن، ٽِن سياسي شخصيتن جي اثر هيٺ رهيو آهي، جنهن مان انهن سياستدانن سدائين ڀرپور فائدو ورتو ۽ هر محڪمي ۾ پنهنجا مُهرا (مَن پسند) ماڻهو ويهاري سياست ڪئي آهي. نتيجي طور ذاتي مفادن جي جنگ هن خطي کي مستقل خوف، قبضا گيرين، ڀَتا خوري، غنُڊا گردي، بد امني ۽ اقربا پروري جي پٽڙي تي لاتو، جنهن هر شيءِ کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو. زراعت هِتان جي اهم ڪِرت آهي۔۔ اُن کانسواءِ ڪافي ماڻهو ڪاروبار سان به واڳيل آهن. بهترين زرعي اُپت هئڻ جي باوجود هتان جي زميندارن کي سندن فصلن جو مناسب اُجورو نه ملڻ هڪ مستقل مسئلو آهي. ڀاڻ، ٻج ۽ پيسٽيسائيڊ جي ٻه نمبري کان انهن جي بليڪ مارڪيٽنگ تائين آبادگارن کي هر وِک تي پريشانين کي مُنهن ڏيڻو پوندو آهي. ڪڻڪ توڙي سارين جي مُند تي باردانو سياست جي ور چڙهي وڃڻ هڪ پُراڻو ۽ پيچيده مسئلو آهي. ظلم ته اِهو آهي ته هڪ پاسي وڏا سيٺيا ۽ واپاري سيزن اچڻ تي “ڪئش ڪراپ” جون قيمتون ڪيرايو ڇڏين ٿا ته ٻئي پاسي حڪومت ۾ نَون ڀرتي ٿيل سياسي ماڻهن کي اُن جون خالي ٻوريون (باردانو) ڏيئي آبادگارن کي ٽانڊا ڏنا وڃن ٿا. نوان جيالا جتي اناج جي خالي ٻورين تي لکين رُپيا ٺاهين ٿا، اُت ڀريل ٻورين تي ڪيترو ڪمائيندا هوندا، سو اندازو ڪرڻ ايترو ڏکيو ناهي. ٻئي پاسي 2001 کان اڄ تائين مڪاني نظام اچڻ جي باوجود هِن ضلعي جي لوئر ڪلاس جي قسمت (ڪنهن به رُخ کان) بدلجي ناهي سگهي. صحت، تعليم، علاج، روڊ رستن توڙي صفائي سُٿرائي جي حوالي سان مڪاني ادارن جون ڪروڙين رُپين جون بجيٽون هُئڻ جي باوجود ڪٿي ڪو ٽڪي جو ڪم به نٿو ٿئي۔۔ اِن حوالي سان جيڪڏهن تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته اُها مڪاني اڳواڻن جي پنهنجي ذاتي زندگين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي۔۔ (نه ته مُلڪ مڙيئي ملير لڳو پيو آهي) اُهي اڳواڻ جيڪي اڳ نيلامي ڪپڙن، ڇڳل جُتين سان پيدل گُهمندا هئا، اڄ مهانگين گاڏين، ٿري پيس ڪپڙن ۽ ايمپورٽيڊ سُوٽ بُوٽ پائي گهمن ٿا۔۔ اڳ جن جي حيثيت جهُوپڙين يا ڪچن گهرن ۾ رهڻ واري هئي، هينئر عاليشان بنگلن ۾ سيٽل آهن۔ ظاهر آهي عوام جو سڄو پئسو اُنهن جي پنهنجي ذاتي شاھ خرچين ۾ استعمال ٿئي ٿو۔

غريب لاءِ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام کان وٺي راشن ڪارڊ ۽ هيلٿ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي مرحلن تائين ساڳي ماني ساڳ سان لڳي پئي آهي۔ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج نه دوائون، ڊاڪٽرن جا دَڙڪا سندن جيئن جو تئين نصيبن ۾ لکيل آهن. ننڍيون ننڍيون تنظيمون، شهري ايڪشن ڪاميٽيون ڪجھ سرگرم ڏسڻ ۾ اچن ٿيون پر اُنهن ۾ به اندروني اختلاف، خلفشار ۽ ناني ويڙهي وارو ڪم به مڙيئي سوايو هلندو آهي! درجنين پريس ڪلب به ڪو ٻوٽو ٻارڻ ۾ ناڪام ويا آهن.

بجلي ۽ گئس کان سواءِ ويران ويڙها، قبضن ۽ حد دخلين جو آزار، بجلي ۽ گئس جي لوڊ شيڊنگ، مهانگائي جو راڪاس، قبيلائي جهيڙا ۽ رشوت خوري جي گرم بازار هتان جي رهواسين جا حال هيڻا ۽ درد ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن۔ بي روزگاري، مُنتشر زندگي، جُوا ۽ نشي نوجوانن کي نفسياتي مريض ڪري ڇڏيو آهي۔ جنهن جو نتيجو جُرم ۽ خودڪشين جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي۔

هِتان جي ٻين انيڪ مسئلن ۾ شهرين ۽ نوجوانن لاءِ پبلڪ پارڪ، لائبريرين، گرلز هاير سيڪنڊري اسڪول جي ڪم جو رولڙو (فَنڪشنل نه هئڻ) راند جا اسٽيڊيم ۽ اسپورٽس سرگرمين جو فقدان هئڻ آهي۔ باوجود ان جي شهر ۾ اغوا ۽ ڌاڙا معمول بڻيل آهن، ڪشمور شهر جو هندُو نوجوان راجيش ڪمار گذريل چئن مهينن کان ڌاڙيلن وٽ قيد آهي, جنهن جون وقت بوقت ڌاڙيل وڊيوز به وائرل ڪندا رهيا آهن، جنهن جي ڪري پوري شهر ۾ ڳڻتي ۽ پريشاني واري لهر جيئن جو تيئن برقرار آهي. ٻئي پاسي هندُو ڪميونٽي پنهنجي هيلوڪي هولي (عيد ۽ خوشين جي رنگين ڏِڻ) جو به بائڪاٽ ڪيو ۽ احتجاجن هولي نه مَلهائي ۽ پنچائت هال ۾ احتجاج تي ويٺا رهيا. امن امان، قبيلائي تڪرارن، اغوائن، ڦُرن وغيره جي واقعن ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي. پوليس رڳو پنهنجي روايتي ڊِگڊگي وڄائڻ ۾ مصروف آهي. ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ۾ يونيورسٽي نه هئڻ، ڪشمور کان ڪنڌڪوٽ تائين ڊبل روڊ ۽ ڪنڌڪوٽ ٽو گهوٽڪي پُل جو اڃان تائين نه ٺهڻ  به يقينن هتان جي عوام لاءِ ڪافي ڏکيائيون پيدا ڪري رهيو آهي. مگر سڀ کان اهم مسئلو امن امان جي خراب صورتحال آهي.