ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سُشميتا سين جي اڳوڻي ڀاڄائي چارو اسوپا مالي ڏکيائين سبب آن لائين ڪپڙا وڪڻڻ تي مجبور ٿي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ٽي وي اداڪارا چارو اسوپا مالي ڏکيائين سبب ممبئي ڇڏي پنهنجي اباڻي شهر بيڪانير منتقل ٿي چڪي آهي. چاروءَ جي ويجهڙائي ۾ هڪ وڊيو سامهون آئي جنهن ۾ هوءَ آن لائين ڪپڙا وڪڻي رهي آهي. وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدارن سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي لکيو ته سُشميتا سين جي ڀاڄائي هوندي به هوءَ ڏکيائين جو شڪار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويوءَ دوران چارو اسوپا جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي نياڻي زيانا سان گڏ هڪ مهيني کان بيڪانير ۾ والدين جي گهر ۾ ترسيل آهي. سندس چوڻ هو ته ممبئي۾ رهائش مهانگي ۽ وڏا خرچ آهن، جتي ماهوار خرچ ڏيڍ لک رپين تائين پهچي وڃي ٿو ۽ هن جي مالي حالت ايڏو وڏو خرچ برادشت ڪرڻ جوڳي ناهي. اداڪارا چيو ته شوٽنگ دوران ڌيءَ کي گهر ڇڏڻ هن لاءِ مشڪل هو، تنهنڪري هن والدين جي گهر منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو .اداڪارا موجب، هوءَ آن لائين ڪاروبار پاڻ هلائي رهي آهي، في الحال شروعات آهي انڪري کيس پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. چارو اڳوڻي مڙس بابت ڳالهائيندي چيو ته هن راجيو سين کي ممبئي کان بيڪانير منتقلي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ڌيءَ سان ملاقات لاءِ هتي اچي سگهي ٿو.