سُر سنڌ راڻي

0
79
رڻ ڪڇ واري جنگ ؟

   ايوب کوسي جي مهرباني، جنهن  “سنڌ راڻي” جي “شڪسته مزاري” واري تصوير چٽي سنڌ واسين کي هن عشقيه داستان ڏانهن متوجهه ڪيو. جيئن “پنهنجي اخبار” ۾ هي موضوع زير بحث آيو تيئن آئون ۽ سردار ڀيو مير باگي جي قبر تي فاتح خواني لاءِ حاضر ٿياسين. عمر ڪوٽ جي گرلس هاءِ اسڪول واري ڀت سان جڙيل هن قبر تي “سيد حيدر شاهه” جو نالو اڪريل آهي، عرف عام ۾ هن مزار کي “واگها پير” جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مجاور جو حجرو ۾ به ٺهيل آهي. هن بزرگ تي ساليانو ڏهاڙو هجي يا سهائو سومار، خيرخيراتن جو سلسلو به جاري آهي. شاهه سلطان ديواني جهڙي بزرگ جي قبرستان ۾ “سنڌ راڻي” جي تربت جا حال کوسي شاعر جي مهرباني سان پاڻ ڏسي چڪا آهيون. لاهور ۾ راوي ندي جي ڪناري اهو ساڳيو حال “نورجهان” جهڙي مغل دور واري پٽ راڻي جي شڪسته مزاري جو اسان به ڏسي آيا  آهيون. غلام رباني  آڱري مرحوم جهڙي عاشق مزاج نهايت شاندار منظر ڪشي ڪئي آهي، مغليه شهزادي جي نورجهان جي بٺي جي . نورجهان جو بيت سندس لوح مزار  تي ڪجهه هن ريت اڪريل آهي.

بر مزار، ماغريبان

ني چراغي. ني گُلي،

ني پر، پروانه سوزد

ني صدائي بُلبلي

سولي سنڌيءَ ۾ ايئن کڻي چئجي ته مائي کي پرين جا سور سارا پيا هئا. چوي ٿي اسان جي تربت تي غريب الوطني جي ڪري نڪو ڪو چار قل پڙهڻ وارو ايندو نه ڪا وري  ڪنهن کي اها توفيق ٿيندي ته ڪو مروئو پوکي يا گلپاشي ڪري. هتي ته ڪو ڏيئو ۽ اگر بتي  ٻارڻ وارو به ڪو نه ايندو. پوءِ پروانا ڇا لاءِ اچي پنهنجا پر ساڙيندا ۽ بلبل ڪوئل واري ڪوڪ لاءِ ڇو اچي ٻلهار ٿيندي. احمد ملاح کان ويندي آڪاش انصاري تائين بديڻي  جا ڀلا ماڻهو امراڻي ڏانهن ايندا رهيا پر شمشيرالحيدري سميت سندن شاعري سر سنڌ راڻي کان خالي آهي.ايوب کوسو آتم ڪهاڻي واري نثر ۾ڪامياب  ويو هجي الائي نه پر موصوف شاعري جي ميدان ۾ ڪامياب تجربا ڪري چڪو آهي.

کيس موقعي جي  مناسبت سان عرض ڪري پيو سگهجي ته ٻاروچاڻا ٻار، تون نظم ۾ الهه توآهرڪر ، سنڌ راڻي ۽  مير باگي جي عشقيه داستان کي اظهارڻ لاءِ،باقي نثر ۾ حال سارو اسان به سر “سنڌ راڻي” کي نئين نڪور ويس وڳن سان آراسته ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.  مير باگي جي مزار کان سڏ پنڌ تي نور محمد ڪلهوڙو جو اڏايل ڪوٽ آهي. هن قلعي مان آخري ڪلهوڙو حڪمران ميان عبدالنبي ميرن هٿان شڪست کائي جوڌپور ۾ وڃي راجا  بجيسنگهه وٽ پناهه گزين ٿيو هو. منهنجي سامهون “جوڌپور جي جلا وطني” نالي وارو 125 صفحن تي مشتمل ڪتاب رکيل آهي. مهراڻ اڪيڊمي ( واڳڻو درشڪارپور) هي ڪتاب ڇاپيو آهي. سنڌ ڪلهوڙن کان ميرن جي حوالي ڪيئن ٿي؟ وارو وچور پڙهڻ جا گهورا ته اصل ماخذ ڏانهن متوجهه ٿين، البته اها ڳالهه مير باگي بابت ٻارڙا به ڳائيندا رهن ٿا.

 باغ مير باگي جو

 گابا ميرباگي جا

ڀڄ ڙي مير باگا.

باغ کائي ويا گابا .

 سندس حسن پرستي حڪومتي عملداري کي  ڪيئن مات ڏني؟ اهي داستان پڙهي فارسي جو اهو شاعر ٿو ياد اچي جنهن ڀورل جي ڳل تي موجود ڪاري تر جي بدلي ۾ سمرقند ۽ بخارا شهر الاٽ ڪري ڇڏيا ته بادشاهه سلامت برهم ٿي کيس اوقات ۾ رهڻ جا احڪامات جاري ڪيا ته سرڪاري توجهه طلب نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو هو ته “واقعي مون کان ڀل ٿي آهي. مون معشوق جو ملهه ڪٿڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي آهي، ٻه شهر ته ڇا پر ڀورل جيڪڏهن ڀر ڏيئي مٽي ۽ ٺلهو نيڻ کڻي مون ڏانهن هڪ ڀيرو نهاري وڃي ته آئون کيس ٻئي جهان الاٽ ڪري ڏيئي ڇڏيندس.” تازو گرهوڙ شريف ۾ مير منور علي خان ٽالپر سان تفصيلي ڪچهري ٿي.

موصوف کاهي مان سائين عبدالله شاهه خراساني وارن کان موٽندي اولياءَ صاحب جي زيارت لاءِ حاضر ٿيو هو. هاڻ سر “سنڌ راڻي” کانئس ٻڌجي ته ڪلام شاعر بزبان شاعر وارو رس چس پلئه پئجي سگهي ٿو. گرهوڙ جي دعائن سان هاڻوڪي سنڌ ٽالپر اميرن جي هٿان وجود ۾ آئي آهي نه ته ميان عبدالنبيءَ جي ايام ڪاري ۾ ڪراچي تي قلات بلوچستان وارو جو قبضو ٿي چڪو هو. ماڇڪو ۽ گهو ٽڪي جا علائقا بهاولپور رياست جي دست برد حوالي ٿيل هئا. نارو اڇڙو ٿر جيسلمير رياست جي حوالي هو ۽ ڍورو نارو، صوفي فقير پندرهون ميل هيرل، ٻوڏار فارم، چيلهه بند، نبي سر، نهٽو، نئون ڪوٽ ۽ ونگي رياست وارو سمورو ٿرپارڪر ۽ رڻ ڪڇ جا ڪنارا جوڌپور ۽  نکتراڻي کوڙو ئي واري ڀُڄ رياست حوالي هئا ۽  جيڪب آباد سبي رياست جي  عملداري ۾ هو.

ميرپور پراڻي ۾گرهوڙي گهوٽ جو تڪيو اڄ سوڌو سلامت آهي. مير بجار خان وارن سان موصوف هن هنڌ تي “معاهدو” ڪري کين سنڌ جي آزادي لاءِ دعائون ڏنائين. اهليان سنڌ کي چيائين ته سماٽ بلوچ تڪرار سان سنڌ وڌيڪ سڪڙجي ويندي. بلوچ مارشل ريس قبيلو آهي ۽ هاڻ سنڌ جو ضمير ۽ خمير ساڻن سلهاڙيل آهي. پوءِ لانياري واري معرڪي ۾ بذات خود بنفس نفيس پاڻ شرڪت ڪري ٿو. “وحدت سنڌ” لاءِ دعائون ڏيندي ٽالپرن لاءِ نيڪ خواهشون هن ريت اظهاري ٿو.

آيل بلوچن جا .

اهڃ پنج آهين

 آئي اوڇڻ انگڙئين

بکئي طعام ڏين

 ڪاڻ نه ڪڍڻ سکيا،

 بر ناتو نڀائين

پاڙو نه ڊوهين پانهجو،

 سام سسي ڀائين

سُخن نه سُڪائين

پاڻي وگهي پانجهو

پوءِ ته گرهوڙي گهوٽ هن ريت به گويا ٿيو آهي؟

اسان پاري

بجر نه پاري

 ويئي بجر جي سرڪاري.

ميرمنور جواب ڏنو ته سندس ڀرسان سندس خليفو مير رامڻ ويٺو هو، جيڪو خانپور جي ٽالپرن مان هو. چيائين ته مرشد ڪجهه مون ڏي به ڏس.مرشد وراڻيو ته بادشاهي تان ته هٿ اوس کڻڻا پوندا پر دعا ٿو ڪريان ته، ٽالپرن جو ٽيلو تهه بالا ڪونه ٿيندو، مڇي ماني وارا هوندئو. مير صاحب! صوفي صادق کي ڪهڙي تڪليف پهتي هئي جو انگريزن کي چيو هئائين ته،

ڀورا اچي ڀيل

ساري سنڌ صديق چئي

 دريا مٿان ريل

ٽوپر اچي ٽپاءِ تون

ادا هن کان پهرين نواب ولي محمد خان لغاري کي پارتو ڏنو هئائين ته

لُڏ م لغاري

 خوش م ٿي

تون خام

تون جنهن وڻ جي لام

 سو  وڻ پاڙان ئي وڍيو

آئون (مير منور) پِٽن پاراتن جو قائل آهيان، شاهه شجاع کي به ته خليفي نبي بخش تنبيهه ڪئي هئي.

شجاع ويهه م سنڌ

اوڏا اڏي نجهرا

هتي راوت رند

 وتن ڪلي ڪوڏيا

سنڌ راڻي جي تذڪري ۽ توسط سان پاڻ ڪي قدر سنڌ جي ڪهاڻي ٻڌي. رهيو سوال ته مير باگي جي مزار هجي يا  سنڌ راڻي جي جاءِ سڪونت آثار قديمه جو کاتو مرمت ڪرائي يا نه ڪرائي، اها حقيقت آهي ته اميران سنڌ کي موجوده سنڌ جي جاگرافيڪل بيهڪ  جا موجد ۽ سرجڻهار تسليم ڪرڻ کان سواءِ رهي ڪو  سگهبو. گرهوڙي گهوٽ اهڙو منصوبي ساز ۽پلانر آهي جنهن ڪلهوڙا سلطنت جي طبعي انجام کي تاڙي ورتو هو، ان مان سندس سياسي بصيرت جو به بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، چئبو ته .

سسئي  سهڻي

مون پرين

مارئي محبوبا

جهڙين سٽن جي سرجهڻار واري سنڌ ۾ سر  “سنڌ راڻي” تي به خامه فرسائي ٿيندي رهي ته بهتر.