سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ … ٻوليءَ ۽ لغت جو ڄاڻو عبدالله جيسر

0
28
سَڄَڻَ ساھَ پَساھَ ۾ ... ٻوليءَ ۽ لغت جو ڄاڻو عبدالله جيسر

 ھونئن تہ سِنڌُ سَموري سونُ آھي، پر الائي ڇو سنڌ جا ڪجھ ماڳَ ڏاڍو وڻندڙ لڳندا اٿم. لَلِيا پَتڻ به سِنڌُ جي انھن وڻندڙ ماڳن مان ھڪ آھي. جڏھن دادو مورو پُل اڃا ڪانه ٺھي ھئي، تڏھن لَلِيا ھڪ وسندڙ پَتڻ ھو، جتان ماڻهو پرئين ڀَرِ ويندا ۽ اورئين ڀَرِ ايندا رھندا ھئا. مون لَلِيا پتڻ تي ھڪ وائي به لکي ھئي ته:

لَلِيا پتڻ تان، سِنڌوءَ جون لھرون

توکي ڪيئن لڳن ٿيون

                 دادو- مورو پُل، ٺھڻ کان پوءِ ته لَلِيا پتڻ بس يادگيرين ۽ سَپني ۾ ئي رھجي ويو آھي. موري کان دادوءَ طرف ويندي پُل جي اورئين/اڀرندي ڇيڙي کان ڏکڻ طرف نِھارَ ڪبي ته اَٺاس کن جي پَنڌَ تي وڻن جي جهڳٽي ۾ وڪوڙيل ڳوٺ لَلِيا/ڳوٺ جيسر نظر ايندو. اُن ڳوٺَ تي نظر پوندي ئي سِنڌو درياھ جي ڪنھن پوڙھي پاتڻيءَ جھڙو جيڪو خوبصورت شخص ياد ايندو آھي، سو عبدالله جيسر آھي. عبدالله جيسر، پنھنجي تَرَ جو معتبر ۽ ھاڪارو انسان آھي، جنھن وٽ سَڄيءَ سِنڌُ جون سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتون اينديون رھنديون آھن. لَلِيا پتڻ جي حوالي سان عبدالله جيسر، لکي ٿو ته: “لَلِيا پتڻ، جيڪو ڪنھن زماني ۾ وڏو پتڻ ھوندو ھو، جنھن تي غوراب به لنگر انداز ٿيندا ھئا.“ ھڪ ذاتي ڪچھريءَ ۾ ھُنَ ٻُڌايو ھو ته: “لَلِيا پتڻ وٽ ملاحن جو سئو کن ٻيڙين وارو ڳوٺ ھوندو ھو.“

عبدالله جيسر جي سُڃاڻپ ھڪ اديب، ادب جي عاشق، سنڌي ٻوليءَ ۽ لغت جي ڄاڻوءَ طور ٿئي ٿي. عبدالله جيسر، جو تعارف ڪرائيندي پروفيسر شمشاد سومرو پنھنجي مَقالي “موري تعلقي جا اديب ۽ شاعر” ۾ لکي ٿو ته: “عبدالله ‘افضل’ جيسر: عبدالله ولد محمد صفر جيسر، پھرين اپريل 1946ع تي، ڳوٺ لَلِيا، تعلقي موري ۾ جنم ورتو. پاڻ ايم اي، ايل ايل بي آھي. لکڻ جي شروعات 1960ع کان شاعريءَ سان ڪيائين. ھن وقت تائين غزل، نظم، بيتن ۽ ڪافي تي لکيو اٿس. سندس پسنديده صنف غزل آھي. ھن شاعريءَ ۾ اصلاح سائين الھنواز رڪڻائيءَ کان ورتي. سندس پسند جو موضوع لغت آھي.“

ھُنَ ابتدائي تعليم لَلِيا مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ھاءِ اسڪول موري مان، انٽر مھراڻ ڪاليج موري مان، بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. ھو ٽرپل ايم اي آھي. ايم اي پولٽيڪل سائنس، ايم اي سنڌي ۽ ايم اي اسلامڪ اسٽڊيز، جيڪي ٽئي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. جڏھن ته ايل ايل بي لا ڪاليج  سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. عبدالله جيسر وڪالت حيدر آباد ۾ ڪئي.  ھُن ٻُڌايو ته جيل به ويو ھو ۽ ھڪ دفعي کيس ڌاڙيل به کڻي ويا ھئا. درياءَ جي ڪنڌيءَ جو رھاڪو ھُجڻ ڪري ھُو ڀلو تارو به آھي. پاڻ مالَ ڏُھڻ جو ماھر پڻ آھي. مالُ چاريائين، ھَرَ ڪاھيائين، ڳاھَ ڳاھيائين. مطلب ته ٻنيءَ ٻاري جو سڀ ڪم ڪيائين. ھُنَ جو پيءُ وڏو ڀاڳيو ھو. سيد علي محمد شاھ لڪياريءَ جي پيءُ عمر شاھ جي ساڻس گهاٽي ياري ھئي. عبدالله چواڻي: “ٻئي ڌاڪارا ھئا”. ڌاڪارو ان کي چئبو آھي، جيڪو چَڙَن کي ڌَڪَ ھَڻي سَرِلو ڪندو آھي.

عبدالله جيسر ڪٻٽي/ڪوڏي ڪوڏي راند جو بھترين رانديگر رھيو آھي. ھو ضلعي ٺَٽي جي شهرن ٻُھارن ۽ گهاري تائين به کيڏڻ ويندو ھو. راند جو ڏاڍو جامڙد ھو، وَسَ ڪندي جھڙو تھڙو رانديگر سندس ويجهو ئي ڪونه ايندو ھو. ڀَلا ڀَلا رانديگر سندس ڀَرِ ئي ڪونه وٺندا ھئا. پاڻ اچڻ وڃڻ، تِريءَ، چَنبيءَ سميت ڪٻٽيءَ راند جي مختلف انگن جو ڄاڻو/ماھر ھوندو ھو.

عبدالله جيسر لکڻ جي شروعات 1960ع ۾ ڪئي، ۽ ‘افضل’ تخلص استعمال ڪيائين. پھريون غزل پنھنجي ڀاءُ نور محمد جيسر کان اصلاح ڪرايائين. ان بعد شاعريءَ جي اصلاح الھنواز رڪڻائي کان ورتائين. سندس شاعري ۽ مضمون ‘باک’ موري ۽ ‘ڪونج’ سميت مختلف پرچن ۽ ڪتابن ۾ ڇپبا رھيا آھن. کيس سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور کوڙ سارا  ايوارڊ ملي چُڪا آھن، جن ۾ مورو ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سيمينار ۾ مليل ايوارڊ سڪندر خشڪ ھٿان، راشد مورائي ايوارڊ 2018ع، سنڌي ادبي سنگت شاخ شاھ پور جھانيان پاران، اقرا پبلڪ ڊگري ڪاليج ايوارڊ، مارئي ايوارڊ وغيره ذڪر جوڳا آھن. کيس وينا شرنگيءَ لطيف ايوارڊ به ڏنو ھو. ھُو 1987ع ڌاري انڊيا ويو ھو، ھند جي سنڌي اديبن لڇمڻ ڪومل، وينا شرنگي، ڪرشن راھي ۽ ٻين سان سندس تمام سُٺا لاڳاپا رھيا آھن. عبدالله جيسر جو ذڪر ھند جي ڪيترن ئي ليکڪن ڪيرت ٻاٻاڻي، جڳديش لڇاڻي ۽ وينا شرنگيءَ پنھنجن ڪتابن ۾ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ سان ڪيو آھي. لڇمڻ دُٻي پنھنجي ڪتاب ‘آڪاش جا ٽڪرا’ ۽ ھولارام ھنس پنھنجي ڪتاب ‘سنڌي ناول ۾ مالھيءَ جي يگاني دئن’ جي ارپنا به سندس نالي ڪئي آھي. ڊاڪٽر فياض لطيف پنھنجي ڪتاب ‘شيخ اياز جي شاعري جي لغت’ جي ارپنا ۾ لکي ٿو ته: “سُھڻي شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري، سنڌي ٻوليءَ جي عاشق عبدالله جيسر ۽ ھر دلعزيز پروفيسر خليل الرحمان ڀُٽي جي نالي.“

عبدالله جيسر، ننڍپڻ ۾ شھيد نور محمد جيسر لائبريري قائم ڪئي، جنھن مان ڪيترائي شاگرد ۽ محقق فيض حاصل ڪري رھيا آھن. سندس ھن ذاتي ڪتب خاني/لائبريري مان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي لاءِ مدد وٺندڙ اسڪالرن ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي ۽ رضوان گُلَ جا نالا ذڪر جوڳا آھن. ساڻس لَلِيا پتڻ تي ھڪ شاندار رھاڻ جو پروگرام به سڪندر خشڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت موري ۽ نوشھري فيروز پاران سنڌوءَ جي ڪناري ٿيو ھو، جنھن ۾ ھزارين ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. اُن پروگرام ۾ سنڌ جي تمام گهڻين نالي وارين شخصيتن شرڪت ڪئي ھئي. لڇمڻ ڪومل ڏھ منٽ ٽيليفونڪ خطاب ڪيو ھو. لغت تي سندس ڪم ڏاڍو شاندار آھي. ھو انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا لاءِ پابنديءَ سان لکندو رھي ٿو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت موري، سِگا موري، استاد بخاري اڪيڊمي دادو ۽ گل حيات انسٽيٽيوب خير محمد آريجا جو ميمبر آھي.

عبدالله جيسر کي اولاد ۾ ھڪ پٽ اشرف علي ‘ھيمون’ ۽ ٻه نياڻيون سنڌو ۽ سسئي آھن. ھيمون ايم اي، ايل ايل بي ۽ ايم فل آھي، پاڻ اڳ ۾ وڪالت ڪندو ھو ۽ ھاڻ پوليس ۾ انسپيڪٽر آھي. سندس ھڪ پٽ ظفر علي ‘ھوشو’ ڦوھ جوانيءَ ۾ گذاري ويو. ھُن ٻه شاديون ڪيون، سندس پھرين گهر واري سونَ ٻائي سندس پُڦاٽ ھئي، اُنَ مان ھڪ پُٽُ ڄائس اشرف علي، جيڪو سال ٻن جو ھو ته گذاري ويو، ۽ پوءِ سونَ ٻائي به گذاري وئي. پوءِ ٻي شادي ڪيائين.

عبدالله جيسر سان منھنجي پھرين ملاقات سائين تاج جوئي سان گڏ، سندس گلستان سجاد حيدرآباد واري گهر ٿي ھئي، جنھن جي مکيه دروازي جي ٻنھي پاسي پتل وارا سنڌ جا نقشا لڳل ھئا.

21 جون 1998ع تي مون سان قاضي احمد ھڪ پروقار رھاڻ ملهائي وئي، جنھن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي نالي وارن شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي ھئي. ان رھاڻ ۾ عبدالله جيسر پڻ شرڪت ڪئي ھئي ۽ تقرير ۾ چيو ھئائين ته: ”معشوق ڌاريجو، سَچَل کان پوءِ وائيءَ جو وڏو شاعر آھي”. ان تي سنگت ۾ وڏو ٽَھِڪِڙو مَتو ھو. آئون جڏھن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊن ۾ مرڪزي خزانچيءَ جي عھدي تي بيٺو ھئس، تڏھن به پاڻ ووٽ وٺي ڏيڻ ۾ منھنجي ڀرپور مدد ڪئي ھئائين، ۽ مون ڪاميابي ماڻي ھئي. منھنجي پٽن عاشق علي ۽ ڪاشف علي جي رسم سنت واري ڪاڄَ ۾ به منھنجي ڳوٺ آيو ھو، ته منھنجي امڙ جي فوتگيءَ جي دُعا لاءِ پنھنجي نياڻين کي به ساڻ وٺي آيو ھو. ھڪ ڀيري ھڪ ھمراھ کي ساڻ ڪري ساڻس ملڻ ويس ته پرڏيھ مان آيل مٺائي کارايائين. ان تي ان ھمراھ چيو ته: “معشوق! تنھنجا دوست توکي ڏاڍو ٿا ڀائين.“

عبدالله خان وڏو اوطاقي مڙس آھي. درياھ جي ڪنڌيءَ جو ھجڻ ڪري سندس دل به درياھ آھي. پاڻ ڏاڍو کلمک ۽ محبتي ماڻهو آھي. آئون ۽ رضا لانگاھ جڏھن به ڏيپارجا محبتي ملاح ڏي ويندا آھيون، تڏھن واپسيءَ تي وٽس ضرور ويندا آھيون. دادوءَ کان موٽندي به سندس درشن ضرور ڪبو آھي. ڪڏھن ته اسرار لانگاھ ۽ آئون سيڙجي به وٽس روح رھاڻ ۽ چانھ جي چُسڪيءَ لاءِ لَڙي ويندا آھيون. پاڻ به قاضي احمد کان گذرندي، ايندي ويندي قربائتا قدم ڀَري ايندو رھندو آھي. عبدالله خان جيسر يارن جو يارُ ۽ تڏي مَنَھَن وارو جوان آھي.