سَڄَڻَ ساَھَ پَساھَه ۾ … عبدالحڪيم “ارشد”جي مَنَ اندر جون ڳالهيون

0
39
سَڄَڻَ ساَھَ پَساھَه ۾ ... عبدالحڪيم “ارشد”جي مَنَ اندر جون ڳالهيون

 “ڳالهيون من اندر جون” عبدالحڪيم ارشد جي لکيل خاڪن ۽ مضمونن جو ڪتاب آھي، جنھن ۾ سندس مَنَ جون ڳالهيون آھن. کَرِيون، سِڌيون ۽ سَچيون ڳالهيون. ھو جڏھن پنھنجي ڳالهين جي ڳَنڍِ کوليندو ھو، تڏھن پنھنجي ڪيترن ئي چاھيندڙن کي پنھنجي ڳالهين جي ڳنڍ ۾ ٻَڌي ڇڏيندو ھو. ھي ڪتاب سندس پڳدار پٽ راشد احمد لکمير مرتب ڪَيو آھي. ڪتاب جو پھريون حصو نثري ڪتابن تي لکيل تعارف، مھاڳ ۽ مضمونن تي مشتمل آھي، جنھن کي ”سوئِي راحَتَ رُوحَ جي!“ جو سِرو ڏنو ويو آھي. روحاني ارتقا ۾ ذڪر ´اسم ذات` جي اھميت مضمون پڙھي ارشد جي علميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پنھنجي ڳالھه کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ وٽس لاتعداد سنڌي، اردو ۽ فارسي شاعري جي چونڊ، اقوال ۽ مثال موجود ھيا. سندس تحرير ۾ تسلسل آھي. جنھن ۾ پاڻ لکي ٿو ته: ”تصوف ۽ روحانيت جو بنيادي مقصد بَندي ۽ خدا جي وچ ۾ رابطو، تعلق ۽ حقيقي نسبت قائم ڪرڻ آھي. انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ، ھر دؤر ۾، الله جي نيڪ بندن، عارفن، ولين، درويشن ۽ صوفين ڪيئي طريقا، عمل ۽ عبادتون، ورد ۽ وظيفا، نفس جا چِلا ۽ رياضتون بيان ڪيون آھن.سڀ پنھنجيءَ پنھنجيءَ جاءِ تي برحق، بر صواب ۽ اکين تي، پر معرفت ۽ سلوڪ جي انھيءَ راھه ۾ الله جي ذڪر ´اسم ذات` کي ۽ ´اسم اعظم` جي ذريعي رَبَ جي ياد، ان جي فڪر ۽ سوچ کي جيڪا اھميت، فوقيت، بالادستي ۽ برتري حاصل آھي، اُھا ڪنھن به قسم جي ڪنھن ئي عمل کي قطعاً حاصل ناھي.“ سندس ٻيو مضمون مولانا محمد عبدالله کڏھري جي رِسالي ´القول الاظھر في ثبوت بشريت الرسول الانور`جو تعارف آھي. جنھن کي پڙھي سندس فڪري چِٽائيءَ کي پَرکي سگهجي ٿو. ارشد صاحب پنھنجي تقرير، تحرير ۽ تدريس ۾ مثبت سوچَ جو حامي، حِمايتي ۽ داعي رھيو.

ارشد صاحب، اعليٰ قبله سڄڻ سائينءَ جن تي لکندي، پاڻَ کي ادنيٰ ثابت ڪندي ڪيڏي نه نوڙت، نياز، ادب ۽ عاجزيءَ سان اظھارُ ڪري ٿو ته: ” ڪوهه هماليه جي دامن ۾ چرندڙ ڪِوِلِ کي ڪھڙي خبر، ته ھن جبل جي رفعت ۽ وسعت ڇاھي؟” ´موري تي مالڪ جي مھر` پروفيسر شمشاد احمد سومري جي تصنيف ´جوڳيئڙا جھان ۾`، جو مھاڳ آھي. ارشد لکي ٿو ته: ” مورو محبتن جو شھر آھي.“ لکڻ جي معاملي ۾ ارشد، فرھاد جھڙو جذبه  جنون رکندڙ فولادي جگر وارو ليکڪ ھو.

´ايءُ عشق جو آواز!` جي سري واري ٻئي ڀاڱي ۾ ادبي، روحاني ۽ فيلسوفيانه مضمون شامل آھن. ´رُڃن مان رَڙِ ٿي!`  ارشد صاحب جو طويل مضمون آھي، جيڪو ”جون 1980ع ۾ ڪرائون سائيز جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ”نئين سوچ“ ڪتابي سلسلي تحت سڪرنڊ مان شايع ٿيو.“ ڪتاب جي ڇويھه صفحن تي مشتمل ھي مضمون فڪري ۽ معنيٰ خيز آھي. ´روح جون رڙيون!` نھايت ئي اھم مضمون آھي، جيڪو پھريون ڀيرو ھن ڪتاب ۾ ئي ڇپيو آھي. ھن مضمون ۾ ڄاڻايل حوالا ارشد صاحب جي وسيع مُطالعي جا ساکي آھن.

´عوام، ادب ۽ اديب` پڻ ھڪ بھترين مضمون آھي.

ارشد جي لکڻين ۾ ” ڌرتيءَ جي دانھن، ساڻيهھ جا سورَ ۽ پورھيتن جي پيڙا سمايل ھوندي آھي.”  ´علم جو آپگهات` ھي ارشد صاحب جو پنجيتاليھه، ڇائيتاليھه سال پراڻو مضمون آھي. جيڪو منھنجي الف ب پڙھڻ واري زماني کان به اڳ جو لکيل آھي.

´سُونھان، ساٿَ – ڌَڻِي` جي سِري سان ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ تاثر، خاڪا ۽ ساروڻيون شامل آھن. جنھن ۾ پھريون مضمون ´سنڌ جو رھبر ۽ رھنما: سائين جي ايم سيد` سائين جي ايم سيد تي لکيل آھي. جنھن ۾ ارشد لکي ٿو ته: ”سيد، اسان کي عزتِ نفس سان جيئڻ جو سبق سيکاريندو ھو.”” ھُو اسان کان ڪڏھن به مايوس نه ٿيو. ھڪ لمحي لاءِ به ھُن جي اٽل ارادي ۾ ڪا لَچَڪَ نه آئي.” ´عالمن جو آفتابُ: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو` سنڌي ٻوليءَ جي محسن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تي لکيل مضمون آھي. ´ننڍي کنڊ جي ترقي پسندن جو اڳواڻُ: سيد سجاد ظھير` ۾ ارشد لکي ٿو ته: ”ھُن جي زندگي عِلم ۽ عَمل جو سنگم ھئي.“

´منھنجو فڪرِي اُستادُ: نورالدين سَرِڪي` ۽ ´منھنجو اُستادُ، منھنجو رَھبَرُ: نورالدين سَرِڪي` سَرِڪي صاحب تي لکيل مضمون آھن. سَرِڪي صاحب جي حوالي سان ارشد لکي ٿوته: ”زندگيءَ ۾ مون جن ساڃھه وند شخصيتن کان ڪجھه سِکيو، پِرايو ۽ شعور حاصل ڪيو آھي. تن ۾ نورالدين سَرِڪيءَ جو نانءُ نشابر آھي.“

”سرڪي، سنڌ ڌرتي ماءُ جو املھه ھيرو ھو. مون ھميشه کيس ھڪ جھڙو ڏٺو. بيحد معتدل مزاج، متوازن شخصيت ۽ ڏاڍو سنجيدو ھوندو ھو.“ تقريباً اڌ صديءَ جي رفاقت، دوستي ۽ ´سنڌي ادبي سنگت` ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ دوران مون سَرِڪي صاحب جو اسان جھڙن نوجوانن سان سڀاءُ ۽ رويو نھايت شفقت ڀريو محسوس ڪيو.”  ´سنڌ ڌرتيءَ جو داناءُ ديوانو: قاضي فيض محمد`، ´گيتن جو بادشاھُه: ” بَردو“ سنڌي`  ۽ ´سڪرنڊ جو مشھور سياسي، سماجي ڪارڪن ۽ ھاري ورڪر: ڪامريڊ محمد لاکو` پڻ تمام گهڻي پيار سان لکيل مضمون آھن. ´مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو مجذوب: عبدالوارث دَلُ` به تعزيت نامو آھي. جنھن ۾ سندس ڳڻن جون ڳالهيون ڪندي ارشد لکي ٿوته: ” انتھائي سٻاجهڙو، سچو ۽ سپتيو انسان ھوندو ھو.

ھر قسم جي لالچ، ذاتي خواھش، ريا ۽ ٻھروپ کان پاڪ، مٿانھون ۽ اعليٰ قدرن، صفتن ۽ انساني خوبين جو مالڪ ھوندو ھو. ھن جي زندگيءَ جو فقط ھڪ ئي مشن ھوندو ھو ۽ اھا ھيءَ ھئي ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي فڪر، سوچ ۽ تعليم کي گهر گهر پھچائجي.“

´ھڪ منفرد ۽ لافاني شخصيت: سيد امداد محمد شاھه` سائين امداد جي وڇوڙي تي لکيل تعزيت نامو آھي جنھن ۾ ارشد لکي ٿوته: ” سائين امداد محمد شاھه، سائين جي. ايم. سيد جي امانت جو امين ھو.“  ھڪ سِٽَ ۾ ايڏي وڏي راءِ ارشد جي علمي قابليت جو وڏي ۾ وڏو دليل آھي. ارشد صاحب اڳتي لکي ٿوته: ” امداد محمد شاھه – جلال شاھه، زين شاھه ۽ ضياءَ شاھه جو روپُ وَٺي، تيستائين ھر طرح جي انياءَ سان اٽڪندو رھندو. جيستائين سنڌ جي ظلم ستم ۽ استبداد جو سلسلو جاري رھندو.“

´منھنجي جانِ جي جان: حاجي خان` ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي تي لکيل مضمون آھي، جيڪو ڊاڪٽر حاجي خان ڪيريي جي ڪتاب ”ٿي تند وڙھي تلوارن سان“ ۾ پڻ شايع ٿي چُڪو آھي.

´مون ”حافظ“ محمد بخش خاصخيليءَ کان ڇا پرايو؟` ھي مضمون، ھڪ تعزيت نامو ۽ گڏ اعتراف نامو آھي. جنھن ۾ ارشد، حافظ جي ڪم ۽ ڪردار سان گڏ سندن واسطيداريءَ تي  لکي ٿو ته: ”حافظ، محبت وچان مون کي ´مرشد ارشد` ڪري سڏيندو ھو.“

´ترقي پسند فڪر جو روشَن سِتارو: پروفيسر عبدالله مگسي` پروفيسر عبدالله مگسي جي پھرين ورسيءَ جي مناسبت سان لکيل ليک آھي، جنھن ۾ ارشد لکي ٿوته: ”جيستائين سِنڌُ ۾ فِڪِرُ، ڏاھَپَ، انقلابي ۽ ترقي پسند سوچَ سلامت آھي، عبدالله خان مگسي جاويد ۽ امر رھندو.“

راشد احمد لکمير پنھنجي والد صاحب جي مضمونن جي مرتب ڪيل ڪتاب جي ارپنا پنھنجي وَڏي ڀاءُ محمد سليم لکمير (مرحوم) جي نالي ڪئي آھي، جيڪو منھنجو دلبر دوست ھو.

ھِنَ ڪتاب ۾ ارشد صاحب جا ننڍا وڏا ٻاويھهَ مضمون شامل آھن، جيڪي نھايت ئي اھم ۽ بامقصد آھن.

ھِنَ ڪتاب جو شاندار لي آئوٽ، پروف ريڊنگ، اعرابون ۽ بيھڪ جون نشانيون ڏِسي سائين بشير احمد ھيسباڻيءَ جي ٻاجهاري شخصيت تصور ۾ تَري اچي ٿي، جنھن جي سوڌ ۽ سنوار ۽ تحقيقي لڳاءَ ھن ڪتاب جي حسن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن.