اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سي ڊي ڊبليو پي 36.219 ارب روپين جي ماليت جي اھم ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر محمد جھانزيب خان جي صدارت ھيٺ مرڪزي ترقياتي ورڪنگ (سي ڊي ڊبليو پي) مختلف شعبن بشمول ھائوسنگ و فزيڪل پلاننگ، مواصلات ٽرانسپورٽ ۽ آبي وسيلن متعلق اھم ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ويو، 36.219 ارب روپين جي ماليت جي چئن اھم منصوبن جو جائزو ورتو، انھن مان ٽن منصوبن کي قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽوَ ڪميٽي (اي سي اين اي سي) پاران وڌيڪ غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جڏھن ته ھڪ منصوبي کي سي ڊي دبليو پي ۾ منطور ڪيو ويو. اجلاس ۾ 2022 واري ٻوڏ کانپوءِ بحالي پروگرام تحت 13.809.544 ملين جو انفرا اسٽريڪچر جو منصوبو حتمي منظوري لاءِ ايڪنڪ کي موڪليو ويو. ان کان سواءِ 2022 جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جو ھڪ ٻيو اھم منصوبو انٽيگريٽڊ فلڊ رزائلنس اينڊ اڊاپشن، کي به ايڪنڪ موڪلڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي. جنھن جي ماليت 11.360 ملين روپيا آھي. ان منصوبي جي نتيجي ۾ ماحولياتي تبديلن ۽ درپيش خطرن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ مضبوط نظام جي قيام ۾ مدد ملندي. آبپاشي جي انفرا اسٽريڪچر جو منصوبو جنھن جي ٽوٽل لاڳت تخمينو 8250 ملين روپيا آھي کي به ايڪنڪ اماڻيو ويو آھي. ان منصوبي ۾ ھڪ لک ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آبپاشي نظام جي بحالي ۾ مدد ملندي، 2800 ملين جي لاڳت جو ھڪ ٻيو اھم منصوبو پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ، واٽر سپلائي انفرا اسٽريڪچر  سي ڊي ڊبليو پي فورم منظور ڪري ورتو آھي ان منصوبي جو مقصد ٻوڏ متاثر مختلف ضلعن ۽ متاثر واٽر سپلائي انفرا اسٽريڪچر جي بحالي ۽ پاڻي جي پھچ، فراھم کي يقيني بڻائڻ آھي.