اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ چين سي پيڪ رٿا ۾ ڪنهن ٽين ڌر کي انتظاميا ۾ ڀائيوار نه ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. هاڻي ڪا به ٽين ڌر سي پيڪ ۾ سيڙپڪاري ته ڪري سگهندي پر ان کي انتظامي معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه بڻايو ويندو. اعليٰ سطحي ذريعن موجب پاڪستان ۽ چين  پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي سائيڊ لائن تي ان طريقيڪار تي صحيحون ڪرائڻ چاهيون ٿي، پر پرڏيهي وزارت تجويزن جو مسودو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي چين جي دوري کان صرف 10 ڏينهن اڳ چيني اختيارين کي اماڻيو هو، جنهن ڪري طريقيڪار کي فائن ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.  تيار ڪيل مسودي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ ۾ ٽين ڌر جي آجيان ڪن ٿا، پر ٽين ڌر جي شرڪت سان پاڪستان ۽ چين جي ليڊنگ رول تي ڪو به اثر نه پوندو.  معاهدي تي صحيح ۾ دير جي معاملي تي رٿابندي واري وزارت جي ترجمان عاصم خان ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻئي ملڪ ٽين ڌر جي سي پيڪ ۾ شموليت جي حوالي سان اصولي طور متفق آهن، پر ٻين نڪتن تي وڌيڪ غور ڪيو پيو وڃي ته جيئن ان کي وڌيڪ جامع ۽ معنائتو بڻائي سگھجي.  هن چيو ته ٽين ڌر جي شموليت سي پيڪ جو بنيادي اصول آهي، جيئن قطر پورٽ قاسم پاور پلانٽ ۾ 200 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، ٽين ڌر جي شموليت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تيار ڪيا پيا وڃن.