گذريل خميس ڏينهن تي وزير اعظم شهباز شريف ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ڪينالن جي تعمير واري مسئلي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، جن فيصلن جو ٻنهي اڳواڻن ٽي وي ذريعي اعلان به ڪري ڇڏيو. وزير اعظم شهباز شريف اعلان ڪندي چيو ته، “وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آھي ته سي سي آءِ ۾ ‘باهمي افهام تفهيم’ کانسواءِ ڪو ڪينال تعمير نه ڪيو ويندو، جيستائين تمام صوبن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي. وفاقي حڪومت ان وقت تائين ڪينالن جي تعمير واري مامري ۾ اڳتي نه وڌندي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 2 مئي 2025 تي طلب ڪيو ويندو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جا نمائيندا وفاقي حڪومت جي پاليسي جي توثيق ڪندا ۽ اهڙي ڪنهن به تجويز تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ مامرو لاڳاپيل ادارن کي واپس موڪليو ويندو”. وزير اعظم پنهنجي اعلان ۾ اهو به چيو ته “ڪالاباغ ڊيم معاشي طور تي پاڪستان جي مفاد وارو منصوبو هو پر اهو وفاق کان وڌيڪ اهم نه آھي. ان تي صوبن خاص طور تي سنڌ اعتراض واريا ته قبول نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. اسان ملاقات ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ته جيستائين سي سي آءِ ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان فيصلو نٿو ٿئي، تيستائين ڪو به ڪينال نه تعمير ٿيندو.
وزير اعظم سان ملاقات ۾ ڪيل فيصلن جي اهڙي اعلان ٿيڻ بعد پيپلزپارٽي آتش بازي ڪري ٽن ڏينهن تائين جشن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آھي پر خيرپور ۽ سکر ضلعن جي دنگ واري شهر ٻٻرلوءِ وٽ اٺن ڏينهن کان نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويٺل وڪيل اڳواڻن، سنڌو دريا بچايو تحريڪ، جونئر ذوالفقار سوڌو مخالف ڌر جي سياسي پارٽين سوڌو قومپرست جماعتن ڪينالن جي تعمير کي سي سي آءِ جي فيصلي سان مشروط ڪرڻ جي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو ڪينالن جي خاتمي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن جي واپس جي نوٽيفڪيشن تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. اهو ئي سبب آھي جو ڪالھ اٺين ڏينهن به پنجاب، ڪي پي ڪي صوبن ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بند هئي. ڏسجي ته وڪيل اڳواڻن پاران لڳايل ڌرڻي جي پهرين ڏينهن کان اهو مطالبو ڪيو پيو وڃي ته ڪينالن جي تعمير جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ته ڌرڻو ختم ٿي ويندو پر وزير اعظم ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ ملاقات بعد جنهن فيصلي جو اعلان ڪيو ويو آھي اهو اعلان اهم پيش رفت ضرور آھي پر ڪينالن جي تعمير جي منصوبي جي خاتمي ٿيڻ جي تسلي ۽ ضمانت نٿو ڏئي ۽ اهو فيصلو واضح طور تي اهو ٻڌائي رهيو آھي ته 6 ڪينالن جي تعمير واريون رٿائون پنهنجي جاءِ تي موجود آھي، في الحال وزير اعظم انهن تي عملدرآمد روڪڻ جو اعلان ڪيو آھي. مطلب ته اهي ڪينالن جون رٿائون موجود هونديون ۽ انهي مامري کي ڪهڙي وقت به اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ظاهر آھي ته ڪينالن جي تعمير خلاف نيشنل هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي جو مطالبو ڪينالن جي رٿا ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن هجڻ وارو مطالبو اهو اعلان پورو نٿو ڪري. اهو ئي سبب آھي ته اهم پيش رفت باوجود وفاقي سرڪار ان فيصلي سان روڊ کولرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آھي. اعلان بعد وزير اعظم 2 مئي جمعي ڏينهن سي سي آءِ جو اجلاس طلب ڪري ورتو آھي. سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڇا ٿيندو؟ وارو سوال هاڻي ان ڪري سوال ئي نه رهيو آھي جو وزير اعظم پاڻ اعلان ڪري ڇڏيو آھي ته سي سي آءِ اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جا نمائيندا ٿيل فيصلن جي توثيق ڪندا. ان کان به وڏو اعلان اهو ڪيو ويو آھي ته ڪينالن جي تعمير جو فيصلو صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ قائم ٿيڻ کانسواءِ نه ڪيو ويندو ۽ اختلافي مامرن کي اتفاق راءِ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي موڪليو ويندو. مطلب ته وزير اعظم جو اعلان اهو ٻڌائي ٿو ته ٻه مئي تي ڪينالن جو مامرو سي سي آءِ پاران اتفاق راءِ لاءِ لاڳاپيل ادارن حوالي ڪرڻ جو امڪان آھن.
اوهان کي ٻڌايان ته اٺ رڪني سي سي آءِ ۾ پنجن ميمبرن جو تعلق مسلم ليگ ن سان آھي، باقي پي پي پي جا ٻه ميمبر آھن، جن ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جا وڏا وزير شامل آھن. ائين پي ٽي آءِ جو هڪ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو ووٽ آھي. آئين جي آرٽيڪل 154 تحت سي سي آءِ کي اڪثريت راءِ سان فيصلا ڪرڻ جو آئيني اختيار حاصل آھي. اگر سي سي آءِ اڪثريت راءِ سان فيصلا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ته ن ليگ کي سي سي آءِ ۾ واضح اڪثريت حاصل آھي پر وزير اعظم جي ٽي وي ذريعي اعلان بعد في الحال ته ڪينالن جي متفقه طور تي تعمير طرف ويندي محسوس ٿي رهيو آھي، جنهن جو مطلب اهو آھي ته في الحال انهن ڪينالن جي تعمير جي منصوبن کي التوا ۾ رکيو پيو وڃي. ڏسجي ته اهي جنهن نوعيت جا منصوبا آھن، انهن جي فوري طور تي يا سال ڏيڍ ۾ تعمير ممڪن نه آھي. في الحال انهن مان خاص طور تي پنجاب جا منصوبا ابتدائي رٿابندي جي مرحلن ۾ آھن، جن مرحلن کي طئه ڪرڻ لاءِ وقت درڪار آھي. ان ڪري اگر في الحال انهن ڪينالن خلاف سڃي سنڌ جي ايڪي، ٻڌي ۽ هڪ آواز ٿي گڏجي روڊن تي اچڻ باوجود ڪينالن جي رٿا رد ٿيڻ بجاءِ اگر انهن تي عملدرآمد ملتوي ٿئي ٿو ته اها به ڪينالن جي تعمير چاهيندڙ ڌرين جي ڪاميابي ئي آھي پر وزير اعظم ۽ پيپلزپارٽي جي اهڙي اعلان بعد وڪيل اڳواڻن ۽ سنڌ ۾ سول سوسائٽي ۽ مخالف ڌر جي تنظيمن مڃڻ کان انڪار ڪرڻ واري رد عمل کي ذهن ۾ رکي انهن جي مطالبن جي روشني ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن، جيئن ڪينالن جي تعمير جي خوف جي تلوار لٽڪڻ جو به امڪان نه رهي ۽ ڌرڻا ختم ٿي وڃن.
بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد وزير اعظم پاران ڪالاباغ ڊيم کي ملڪي معاشي مفادن جو منصوبو قرار ڏيڻ وارو مامرو گهڻو ڪجھ واضح ڪري ٿو. ٽن صوبن پاران رد ڪيل منصوبي جي تعمير نه ٿيڻ تي اڃان تائين افسوس جو اظهار ڪرڻ مان محسوس ٿي رهيو آھي ته وفاقي حڪومت جي رٿابندي صوبن جي اعتراضن باوجود ڪيتري اهميت رکي ٿي. انهيءَ سوچ کي نظر ۾ رکندي ڪينالن بابت سکڻي اعلان بعد ٽن ڏينهن تائين جشن ملهائيندڙ پيپلزپارٽي ڀلي جشن ملهائي پر کيس ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪو وفاق اڃان ڪالاباغ ڊيم کي وساري نه سگهيو آھي، اهو ڪينالن جي تعمير جي رٿائن کي ايترو سولو ڪيئن وساري سگهي ٿو. پيپلزپارٽي ڪريڊيٽ وٺڻ لاءِ ڀلي آتش بازي جا مظاهرا ڪري پر کيس ڪينالن بابت ٿيل پيش رفت جو ڪريڊٽ سنڌ جي وڪيلن، مخالف ڌر جي پارٽين، قومپرست جماعتن، سول سوسائٽي ۽ سنڌ جي عام ماڻهن کي ڏيڻ گهرجي، جن نه رڳو پيپلزپارٽي کي سڌي رستي تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو پر پنجاب، ڪي پي ڪي جا رستا بند ڪري وفاق کي اهڙو فيصلو ڪرڻ تي به مجبور ڪيو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي تازو حيدرآباد ۾ ڪيل پنهنجي تقرير ئي ياد ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ هن اسلام آباد ۾ ويٺلن کي انڌو، گونگو قرار ڏيندي اها شڪايت ڪئي هئي ته حڪومت کين ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي. اهو ئي سبب آھي جو پيپلزپارٽي جي چيئرمين کي حڪومت ڇڏي عوام سان گڏ بيهڻ جهڙو ارادو به ظاهر ڪرڻو پيو هو. ان ڪري حقيقت کي تسليم ڪري ڪينالن بابت پيش رفت جو ڪريڊٽ سنڌ ۽ ان جي رهواسين کي ڏيڻ ۾ ڪنهن کي عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي ۽ پيپلزپارٽي کي ڪينالن جي منصوبي کي رد ڪرائڻ واري وڪيلن جي مطالبي کي سمجهڻ گهرجي. ان عمل کي ڪو ٻيو رخ نه ڏنو وڃي. اهو ان ڪري به چئي رهيو آھيان ته سنڌ ڪينالن بابت پنهنجي راء ڏئي چڪي آھي. پيپلزپارٽي به مخالفت ڪري رهي آھي، پوءِ انهن منصوبن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ادارن کي ڇو موڪلڻ واري فيصلي تي جشن ملهائجي؟ ڇا پيپلزپارٽي اڳتي هلي انهن منصوبن کي قبول ڪري سگهي ٿي؟ اگر نه ته پوءِ انهن ڪينالن کي ختم نه ڪرائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي نالي تي تلوار لٽڪائي رکڻ جهڙي عمل جي حمايت ۽ ان تي خوشي ڇو ٿي ملهائي وڃي؟ ڀارت سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو آھي، جنهن کي پاڪستان جنگ جي اعلان جهڙو فيصلو قرار ڏيندي چيو آھي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي نٿو روڪي سگهي، ڇو ته پاڪستان پاڻي نظام جي پڇڙي (لوئر ريپئرين) آھي ۽ ان حوالي سان عالمي قانون موجود آھن. سنڌ به مسلسل اهو ئي چئي رهي آھي ته سنڌ ۽ بلوچستان پاڻي نظام ۾ پڇڙي جا حصيدار آھن. پڇڙي جي حصيدارن کي پاڻي کوٽ جهڙي صورتحال ۾ مبتلا نٿو ڪري سگهجي.