سي سي آءِ جي اجلاس کانپوءِ وڏو وزير ڪراچي پهچي ويو، جيالن پاران آجيان

0
23

وڏو وزير مراد علي شاهه سي سي آءِ اجلاس ۾ شرڪت بعد اسلام آباد مان واپس ڪراچي پهچي ويو، ڪراچي ايئرپورٽ تي مراد علي شاهه جي آجيان، ڪراچي ايئرپورٽ تي آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته صوبا وڙهن ۽ ماڻهو گمراهه ٿين، اسان سندن سمورا ٽڪساٽ ناڪام بڻائي ڇڏيا، سي سي آءِ اجلاس ۾ ڪئنالن وارو فيصلو ۽ ارسا جو سرٽيفڪيٽ معطل ٿي ويو، ٽنهي صوبن جي وڏن وزيرن جو ٿورائتو آهيان، جن اسان جي موقف جي تائيد ڪئي، صوبن جي گڏيل راضپي کان سواءِ ڪئنال نه ٺهندا، ڪجهه ماڻهو ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهين ٿا پر اهي ڪامياب نه ٿيندا، اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڀارتي اڳرائي جو مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو