سي سي آءِ جو فيصلو ۽ ڪجهه جواب طلب سوال

0
21
سي سي آءِ جو فيصلو ۽ ڪجهه جواب طلب سوال

 ڪينالن بابت سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بعد هر ڪو پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو آھي. ڪو چئي رهيو آھي ته سي سي آءِ اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪينالن کي “ختم” ڪرڻ جو لفظ شامل نه آھي، ان ڪري ڪينال ختم نه پر انهن جي تعمير في الحال ملتوي ٿي آھي. ڪجھ ماڻهو سي سي آءِ جي انهي فيصلي کي چالاڪي قرار ڏئي رهيا آھن ته ڪي وري انهي فيصلي کي عارضي ڪاميابي قرار ڏئي رهيا آھن. مطلب ته جيترا ماڻهو، اوتريون نه رڳو ڳالهيون ٿي رهيون آھن پر ڪينالن واري مامري تي ٿيل ڪاميابي جو ڪريڊيٽ کڻڻ جي وڏي زور شور سان ڪوششون جاري آھن. ائين لڳي ٿو سوشل ميڊيا تي  مختلف  پارٽين, شخصيتن  لاءِ راءِ جوڙڻ لاءِ ٽولا لاٿا يا ويهاريا ويا آھن. ڪي وري پنهنجي مارڪيٽ ٺاهڻ لاءِ انتهائي سرگرم بڻيل آھن. اهي رکي رکي مارڪيٽ ۾ اهو باور ڪرائي رهيا آھن ته انهن جا ڪيترا فالوئر، سبسڪرائيبر آھن. ٻٻرلوءِ ڌرڻي جا گهڻا رخ، رنگ آھن، جن تي اڻ ڌريو، حقيقت پسداڻو تجزيو ۽ سچائي سان صورتحال کي عام ماڻهن اڳيان آڻڻ جي ضرورت آھي. اهو ڪم صرف انهن کي ئي ڪرڻ گهرجي، جيڪي پاڻ پڏائڻ ۽ چمڪائڻ جي بيماري ۾ مبتلا ناهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن تنظيم يا شخص جي جي پروپيگنڊا ٽُول جو ڪردار ادا نه ڪري رهيا آھن.

ڪينالن بابت سي سي آءِ جي اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ٿيا آھن، ڇا اهي سنڌ جي مفادن وٽان ٿيا آھن؟ ڇا سي سي آءِ جي فيصلن سان سنڌ جي ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي يا انهيءَ ڌرڻي کي چالاڪي ۽ لفظن جي هير ڦير جي ڪاريگري سان ختم ڪرايو ويو آھي؟ جهڙن سوالن جي جوابن لاءِ سي سي آءِ جي فيصلن، آئيني طريقيڪار، زميني حقيقتن ۽ انهي مسئلي کي پيرائتو رکڻ ضروري آھي، جنهن بعد ماڻهو پاڻ نتيجا ڪڍي سگهن. اهو سڀني کي معلوم آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي پويان ملڪ جون اصل طاقتور ڌريون آھن، جيڪي نه انهي منصوبي پويان آھن پر ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا جي زمينن جي حاصلات کان وٺي ان تي سيڙپڪاري ڪيئن ايندي؟ وارن مامرن کي به اهي ئي طاقتور ڌريون ڏسي رهيون آھن. اهو به سڀني کي ياد هوندو ته جن ڇهن ڪينالن جي تعمير کي رد ڪرائڻ لاءِ ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو لڳو، انهن ڇهن ئي ڪينالن کي اسٽريٽجڪ ڪينالن جو درجو ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي تحت ڏنو ويو. سرڪاري ذريعن وٽان اها معلومات به سامهون اچي چڪي آھي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي ۾ يو اي اي مان سيڙپڪاري جي ذميواري هڪ وڏي سياسي پارٽي جي ليڊر جي ذمي هئي ۽ ٻئي وڏي پارٽي جي سعودي مان انهي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي ذميداري رکي وئي هئي. سرڪاري ذريعا اهو به ٻڌائين پيا ته انهن پارٽين ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن سان ڳالهيون به ڪيون. جن دوران سيڙپڪارن خاص طور تي چولستان ڪينال ۽ ٻين هنڌن تي سيڙپڪاري ٿيڻ تي پاڻي جي فراهمي جي ذميداري جي حڪومت کان خاطري ورتي. اخبارن ۾ هڪ منصوبي جو افتتاح روايتن کان هٽي ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقتور اداري جي سربراه ۽ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز ڪيو. اسان جي ملڪ جي تاريخ رهي آھي ته طاقتور ڌريون جڏهن فيصلا ڪري ڇڏينديون آھن، انهن فيصلن کي اهي پٿر تي لڪير، انا جو مامرو تصور ڪنديون آھن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته طاقتور ڌريون هر قيمت تي پنهنجي تي قائم رهيون آھن. ان لاءِ تاريخ جا ٻه مثال ئي هتي ڏيڻ ڪافي سمجهان ٿو. هڪ مثال عوامي ليگ جي شيخ مجيب الرحمان جي چونڊن ۾ ڪاميابي باوجود کيس اقتدار منتقل ڪرڻ بجاءِ ملڪ ٽٽڻ آھي. ٻيو مثال بلوچستان جي سئي شهر ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ نياڻيءَ سان ريپ ڪيس جي ذميداري هڪ تمام ننڍي عهدي جي طاقتور اداري جي ملازم مٿان نواب اڪبر بگٽي جي ڪيس داخل ڪري کيس سزا ڏيڻ جي مطالبي کي تسيلم ڪرڻ بجاءِ مامري کي نواب اڪبر بگٽي جي شهادت تائين پهچائڻ آھي. مطلب چوڻ جو اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ماضي ۾ طاقتور ڌرين جي انا ڪنهن به نقصان جي پرواه نه ڪندي نظر نه آئي آھي. اهو ئي سبب آھي ته هن وقت به ڪارپوريٽ فارمنگ واري منصوبي پويان طاقتور ڌرين جو هجڻ هڪ غير معمولي مامرو هو ۽ آھي. نه رڳو ايترو پر انهي منصوبي جي بريفنگ لاءِ آئيني اختيار نه هجڻ باوجود ايوان صدر ۾ اجلاس جي صدر آصف زرداري پاران صدارت ڪرڻ، مسلم ليگ نواز ان منصوبي  ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي نظر اچي رهي هئي. ڪينالن منصوبي جي ايڪنڪ مان منظوري ورتي وئي. پاڻي جي موجودگي جا سرٽيفڪيٽ به ارسا جاري ڪيا. ائين ايس آءِ ايف سي جي ڇٽي هيٺ هلندڙ اهي منصوبا تيزي سان اڳتي وڌي رهيا هئا پر وفاقي حڪومت، پيپلزپارٽي کي شايد ان ردعمل جو اندازو نه هو، جيڪو ردعمل سنڌ پاران ظاهر ڪيو ويو. سنڌ مان جڏهن ڪينالن جي منصوبي خلاف ردعمل اچڻ لڳو ته پهريان ته طاقتور ادارن جي بيٽ ڪندڙ اسلام آباد جي صحافتي حلقن  مان اهي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ به مليون ته انهن منصوبن جي مخالفت پويان پيپلزپارٽي آھي پر اڳتي هلي ڪينالن واري منصوبي سبب جڏهن سياسي طور تي پيپلزپارٽي سنڌ ۾ سخت سياسي مشڪلاتن ۽ عوامي ڪاوڙ جي ور چڙهي، تڏهن انهن ڌرين کي اهو لڳو ته هي واقعي سنڌ جي ماڻهن جي ڪينالن خلاف احتجاجي تحريڪ آھي. ان وقت تائين ڪينالن جي تعمير جو مسئلو اچي ان هنڌ پهچي چڪو هو ته هڪ طرف سنڌ جو عوام ته ٻئي طرف طاقتور ڌريون ۽ حڪمران اتحاد هو ۽ حڪمران اتحاد ۾ شامل پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪينالن واري مسئلي اچي اهڙي چوواٽي تي بيهاري ڇڏيو، جتان هو وفاقي حڪومت سان گڏ بيهي رهي هئي ته سنڌ ۾ پنهنجي عوامي اهميت وڃائي رهي هئي. پيپلزپارٽي لاءِ اهو عمل سڀ ڪجھ وڃائڻ برابر ان ڪري هو، جو ٽن صوبن ۾ پيپلزپارٽي لڳ ڀڳ ڌوپجي چڪي آھي. پيپلزپارٽي کي هن وقت رڳو سنڌ جي مضبوط طاقتور پارٽي پئي تصور ڪيو ويو. ظاهر آھي پيپلزپارٽي وٽ پاور پاليٽڪس ۾ بارگيننگ سنڌ ۾ سياسي حيثيت هئي. اهو ئي سبب آھي ته عوامي ردعمل بعد پيپلزپارٽي ڪينالن خلاف ٿي سامهون اچڻ تي مجبور ٿي. صدر آصف علي زرداري گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کي ڪيل خطاب ۾ ڪينالن جي منصوبي جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪيو. خطاب بعد پيپلزپارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن اهو چيو هو ته هاڻي ڪينالن خلاف واضح طور پارٽي پاليسي اچڻ ڪري عوام ۾ نڪرڻ ۽ انهن ڪينالن خلاف ڳالهائڻ ۾ آساني ٿيندي. بهرحال ان باوجود پيپلزپارٽي جي قيادت انهي مسئلي مان نڪرڻ لاءِ اهڙي رستي يا حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سان طاقتور ڌريون به ناراض نه ٿين ۽ سنڌ ۾ عوامي ڪاوڙ کان به بچي سگهجي. اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته پيپلزپارٽي ڪينالن واري مسئلي جي حل لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو، ان رستي کي سنڌ جو عوام مناسب رستو ۽ حل تصور ڪري ٿو يا نه پر اها حقيقت آھي ته پيپلزپارٽي ڪينالن واري مسئلي تي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ها ته شهباز حڪومت جو  پهريان ته قائم رهڻ انتهائي مشڪل ٿي وڃي ها پر اگر طاقتور ڌريون ان کي پيپلزپارٽي کانسواءِ قائم به رکڻ گهرن ها ته کين پي ٽي آءِ جا ڪجھ ماڻهو ٽوڙي انهن کان وزير اعظم جي چونڊ ۾ ووٽ وٺڻ کانسواءِ جي يو آءِ کي حڪومت ۾ شامل ڪرائڻو پوي ها. اوهان کي ياد هوندو ته 26 آئيني ترميم وقت مولانا فضل الرحمان صدر، وزير اعظم، بلاول ڀٽو، حڪمران اتحاد ۾ شامل اڳواڻن سوڌو انهن وزيرن جن کي طاقتور ڌرين جي ويجهو تصور ڪيو ويندو رهيو آھي، جون پنڌ ڪرائي جتيون کسائي ڇڏيون ۽ هن پنهنجي سياسي فائدي کي سامهون رکي آئيني ترميم ۾ شقون شامل به ڪرايون ۽ مدرسن جي رجسٽريشن جو بل به پنهنجي مرضي وارو منظور ڪرايو. اگر پيپلزپارٽي حڪومت ڇڏي ها ته مولانا فضل الرحمان جون حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جا شرط غيرمعمولي هجن ها، جن جو ادراڪ طاقتور ڌرين ۽ ن ليگ کي به هوندو. اهو ئي سبب آھي ته ن ليگ هجي يا پيپلزپارٽي يا طاقتور ڌريون، ڪينالن جي تعمير جي مسئلي کي پنهنجي پنهنجي سهولت فائدي کي سامهون رکي فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيا. اها مجبوري بنا شڪ جي سنڌ جي ماڻهن جي شاندار جدوجهد ڪري ئي کين لاحق ٿي. اها مجبوري حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ طاقتور ڌرين لاءِ تڏهن سنگين ٿي وئي، جڏهن وڪيلن جي قيادت ۾ ڪينالن جي تعمير رد ڪرائڻ لاءِ ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو لڳو. ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻو به اختيار ڌڻين جي امڪانن ۽ گمانن کان وڌيڪ عوامي شرڪت ڪري طاقتور ٿي سامهون آيو، جنهن ڌرڻي طاقتور ڌرين، حڪومت کي عوامي راءِ اڳيان جهڪڻ تي مجبور ڪيو. اهو ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو ئي نتيجو هو، جو پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعظم وچ ۾ 25 اپريل تي ملاقات ٿيڻ بعد ٽي وي ذريعي وزير اعظم اعلان ڪيو ته ڪو به ڪينال اتفاق راءِ کانسواءِ تعمير نه ٿيندو. ان حوالي سان لاڳاپيل فورم سي سي آءِ جو اجلاس 2 مئي تي طلب ڪيو ويندو، جنهن ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا سي سي آءِ ميمبر ملاقات ۾ ڪيل هن فيصلي جي توثيق ڪندا ۽ اختلافي مامرا حل لاءِ لاڳاپيل فورم حوالي ڪيا ويندا.

منهنجو خيال آھي ته سي سي آءِ جو اجلاس هفتي جي دير بعد گهرائڻ جو مقصد اها سوچ هئي ته ان اعلان سان ڌرڻو ختم ٿي ويندو پر ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي قيادت ڪندڙ وڪيلن ڪينالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ٿيڻ کانسواءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو پر ان بعد والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي بعد فوري طور تي ڀارت پاران بنا تحقيق جي ان واقعي جو الزام پاڪستان مٿان لڳائيندي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ، ڀارت ۾ موجود پاڪستانين کي پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت سان گڏ ٻين پابندين جو اعلان ڪيو. ڀارت جي انهي فيصلي جي جواب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ طاس معاهدي کي ڀارت پاران معطل ڪرڻ کي جنگ جي اعلان جهڙو فيصلو قرار ڏيندي ڀارت پاران لڳايل پابندين کي نه صرف پاڪستان به ڀارت مٿان لاڳو ڪيو پر ڀارت تي اضافي پابندي پاڪستان جون فضائي حدون استعمال ڪرڻ ۽ ڪنهن به ٽئين ملڪ ذريعي به ڀارت سان تجارت تي پابندي لڳائي پر ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻو ڀارتي جارحيت سبب  پيدا ٿيل جنگي امڪانن واري صورتحال ۾ پاڪستان لاءِ ان ڪري مشڪلاتن جو سبب هو جو ٻٻرلوءِ ڌرڻي سبب پنجاب، ڪي پي ڪي صوبن ڏانهن ويندڙ تيل سوڌو پرڏيھ مان ايندڙ سامان سان ڀريل هزارين ٽرڪون ۽ ٽرالر روڊن تي بيٺل هئا. امڪاني جنگ جي صورتحال ۾ ڪنهن ملڪ اندر ڪميونيڪيشن جا رستا بند هجڻ غير معمولي مامرو هوندو آھي پر ان ڪري اربين روپين جو نقصان به ٿي رهيو هو. بهرحال سبب ڪجھ به هجي پر سي سي آءِ جو ٻه مئي وارو اجلاس هنگامي طور تي سومر ڏينهن طلب ڪيو ويو، جنهن اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، سي سي آءِ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.

سي سي آءِ اجلاس جي فيصلن کان اڳ ان حوالي سان آئيني طريقيڪار اڳيان رکڻ گهران ٿو. آئين جي آرٽيڪل 153 ۾ سي سي آءِ جي جوڙجڪ ڏنل آھي. ان آرٽيڪل مطابق سي سي آءِ جو چيئرمين وزير اعظم هوندو. چئني صوبن جا وڏا وزير سي سي آءِ جا ميمبر هوندا، جڏهن ته وزير اعظم کي ٽن وفاقي وزيرن کي سي سي آءِ جو ميمبر نامزد ڪرڻ جو اختيار هوندو. سي سي آءِ ۾ چئني صوبن کي برابر نمائيندگي ڏني وڃڻ جا مطالبا درست آھن پر آئيني طور تي سي سي آءِ ۾ صوبن کي برابري جي بنياد تي نمائيندگي ڏيڻ جو دارو مدار وزير اعظم تي آھي. اگر ڪو وزير اعظم چاهي ته صوبن کي برابري جي بنياد تي سي سي آءِ ۾ نمائيندگي ڏئي سگهي ٿو. اهو ائين ممڪن آھي ته چئني صوبن مان هڪ هڪ وڏو وزير سي سي آءِ جو ته آئيني طور ميمبر آھي. وزير اعظم چاهي ته اهو جنهن صوبي جو هجي، باقي ٽي ميمبر باقي ٽن صوبن مان مقرر ڪري سگهي ٿو. ان سان صوبن جي سي سي آءِ ۾ برابري جي بنياد تي نمائيندگي ملي سگهي ٿي. منهنجي خيال ۾ آئين سازن جو مقصد به اهو ئي هوندو  پر آئين ۾ وزير اعظم کي ان جو پابند نه بنايو ويو آھي. اهو فيصلو وزير اعظم جي صوابديد تي رکيو ويو آھي، جنهن ڪري اڪثر  وزير اعظم هڪ صوبي مان هڪ کان وڌيڪ وفاقي وزير مقرر ڪري سي سي آءِ ۾ نمائيندگي جو تناسب ڪنهن هڪ صوبي طرف ڪري ڇڏي ٿو، جيئن موجوده وقت ۾  پنجاب جي واضح اڪثريت آھي. ان سان  سي سي آءِ جنهن جي اختيار ۾ فيڊرل ليجسليٽو لسٽ پارٽ ٽو جنهن ۾ پاڻي مامرن سوڌو شامل سمورا اهم ترين سبجيڪٽ آھن، انهي سي سي آءِ کي اڪثريت راءِ سان فيصلا ڪرڻ جو آئيني طور اختيار ڏنو ويو آھي پر گذريل ڏينهن سي سي آءِ جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آھي ته ڪو به ڪينال صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٺهندو. سي سي آءِ جي پڌرائي مطابق، “وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته CCI  جي گڏيل رضامندي کانسواءِ ڪو به نئون واهه تعمير نه ڪيو ويندو. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت ان وقت تائين اڳتي نه وڌندي جيستائين صوبن جي وچ ۾ گڏيل رضامندي حاصل نه ٿئي”.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته “حڪومت سمورن صوبن سان رابطو ڪندي هڪ ڊگهي مدي واري گڏيل روڊ ميپ تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو زرعي پاليسي ۽ پاڻي جي انتظامي ڍانچي جي ترقي لاءِ پاڪستان جي سمورن علائقن ۾ لاڳو ڪيو ويندو. پاڻي جي حقن جو تحفظ سڀني صوبن لاءِ 1991 جي پاڻي ورهاست معاهدي ۽ 2018 جي پاڻي پاليسي ۾ ڪيو ويو آهي، جيڪي سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي رضامندي سان آهن. صوبن جي خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي خوراڪ ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ وفاق ۽ سڀني صوبن جا نمائيندا شامل هوندا.هي ڪميٽي پاڪستان جي ڊگهي مدي واري زرعي ضرورتن ۽ سڀني صوبن جي پاڻي جي استعمال لاءِ حل تجويز ڪندي، پاڻي سڀ کان قيمتي وسيلن مان هڪ آهي ۽ آئين جا ٺاهيندڙ ان حقيقت کي تسليم ڪن ٿا. انهن جي مطابق، پاڻي سان لاڳاپيل سڀئي تڪرار صبر ۽ فهم سان گڏ حل ٿيڻ گهرجن. ڪنهن به صوبي جي خدشن کي اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل رضامندي سان نبيرڻ لاءِ مناسب جاچ عمل ۾ آندي ويندي. مٿين بيان کي نظر ۾ رکندي ۽ غور ويچار کان پوءِ، ڪائونسل فيصلو ڪيو ته نون واهن جي تعمير لاءِ 7 فيبروري 2024 تي منظور ڪيل ECNEC  جي عارضي منظوري ۽ 17 جنوري 2024 جي اجلاس ۾ جاري ڪيل IRSA جو پاڻي دستيابي سرٽيفڪيٽ واپس ڪيو ويندو. پلاننگ ڊويزن ۽ IRSA  کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته اهي اسٽيڪ هولڊرز سان مڪمل مشاورت ڪن، قومي يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل رضامندي تائين پهچڻ تائين سڀني خدشن کي دور ڪن”.

سي سي آءِ جو فيصلو سياسي لحاظ سان ان ڪري اهم آھي ته پلاننگ، ارسا سي سي آءِ جي دائري ۾ اچن ٿا، انهن جي پاليسي مرتب ڪرڻ سي سي آءِ جي اختيار ۾ آھي. سي سي آءِ پاران اهو فيصلو ڪرڻ ته ڪو ڪينال اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٺهندو، اگر ان تي عمل ٿي ته اڪثريت راءِ سان نه ارسا پاڻي جي موجودگي بابت ڪنهن ڪينال جي تعمير لاءِ اين او سي جاري ڪري سگهي ٿي، نه اهڙي نوعيت جو فيصلو سي سي آءِ ڪندي پر سي سي آءِ جي مٿي ڏنل فيصلن کي ڏسي منهنجي ذهن ۾ جيڪي سوال اٿن ٿا، اهي ڪجھ هن ريت آھن: پهريون سوال اهو آھي ته سي سي آءِ وٽ آئين ۾ لکيل اختيار اڪثريت راءِ سان فيصلا ڪرڻ جو آھي. ظاهر آھي ته آئين سپريم هوندو آھي. آئين ۾ ترميم جو اختيار سي سي آءِ وٽ نه آھي. اهڙي صورتحال ۾ سي سي آءِ جي فورم تي آئين کان هٽي اهو فيصلو ڪرڻ تي اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو ڪينال نه ٺهندو… سوال هي آھي ته ڇا ايندڙ حڪومتون يا موجوده حڪومت اتفاق راءِ کانسواءِ ڪو به ڪينال نه ٺاهڻ واري فيصلي تي قائم رهنديون؟ ان سوال جو جواب اهو آھي ته اگر ڪا به حڪومت ڪنهن وقت به چاهي ته اڪثريت راءِ سان ڪينالن جو فيصلو ڪري سگهي ٿي. سي سي آءِ جو ڪينالن جي اتفاق راءِ سان تعمير جو فيصلو آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون نه ٿي سگهندو. ان ڪري في الحال ته اهو ڪينالن جو مامرو ملتوي ٿيو آھي پر اهو ڪنهن به وقت ڪر کڻي سگهي ٿو. نون واهن جي تعمير لاءِ 7 فيبروري تي ايڪنڪ پاران ڏنل منظوري ته واپس ڪئي وئي آھي. سوال هي آھي ته ان تاريخ تي ڪهڙن ڪينالن جي منظوري ڏني وئي هئي؟ ڪنهن ڪينال جو نالو ڇو نه لکيو ويو آھي؟ ائين ارسا پاران جنهن چولستان ڪينال لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ 17 جنوري 2024 تي جاري ٿيو، ان جو به نالو لکڻ ڇو گوارا نه ڪيو ويو آھي؟ سوال هي نه آھي ته ڪينالن کي جنهن منصوبي گرين انيشيئٽو تحت اسٽريٽجڪ ڪينال قرار ڏنو ويو، ان تحت ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون واپس ڪرڻ جو فيصلو ڇو نه ٿي سگهيو آھي؟ جڏهن اهي ڪينال ئي تعمير نه ٿيندا ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين ڪيئن آباد ٿي سگهندي؟ اگر ان کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪينال تعمير نه ٿي رهيا آھن ته زمين الاٽ ٿيڻ جو فيصلو قائم ڇو رکيو پيو وڃي؟

سي سي آءِ جي اجلاس بعد مون سنڌ جي وڏي وزير کان سوال ڪيو ته ڌرڻي وارن جو مطالبو اهو به آھي ته سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينون واپس ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير ان سوال جو جواب اهو ڏنو ته ڪارپوريٽ فارمنگ اسان جو پنهنجو منصوبو آھي، جنهن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت عملدرآمد ڪنداسين. بهرحال اتفاق راءِ قائم ٿيڻ تائين ڪينالن جي تعمير جو مسئلو ملتوي ٿي ويو آھي. اها ڪاميابي به معمولي ان ڪري نه آھي، جو انهن منصوبن پويان جيڪي ڌريون هيون، انهن لاءِ عارضي طور به پوئتي هٽڻ ڪا عام رواجي ڳالھ نه آھي. اها ڪاميابي ان ڪري به معمولي نه آھي، ڇو سنڌ جي ماڻهن جي اجتماعي ردعمل ڌرين تي اهو واضح ڪيو آھي ته پاڻي جهڙي مامري جا منصوبا شروع ڪرڻ نه رڳو سولا نه آھن پر انهن کي عوامي منشا خلاف لاڳاپيل حڪومتن کان ڪنهن به ريت حمايت حاصل ڪرڻ نه رڳو مشڪل ڪم آھي پر ڳجھ ڳوھ ۾ حمايت ڪندڙ پارٽي کي به ان عمل جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا. اڪثر ڪري حڪمران عوام کي اکيون ۽ طاقت ڏيکاريندا آھن پر هن ڀيري سنڌ جي ماڻهن حڪومت کي پنهنجي طاقت ۽ اکيون ڏيکاريون آھن. اهو عمل ۽ سجاڳي جاري رهي ته وسيلا ۽ حق محفوظ رهندا ۽ ملندا به رهندا. عوام جي سجاڳي جو هڪ فائدو اهو به ٿيو ته طاقتور ڌرين سان ڳٺ جوڙ ڪري پارٽين کي حڪمرانن جي مقصدن خاطر هلائيندڙ به نروار ٿيا آھن ته سنڌ جي ماڻهن جي عملي ميدان ۾ نڪتل هجڻ وقت سنڌ مان ئي ٻاهر هليا ويندڙ به نروار ٿيا آھن. سنڌ جي اجتماعي مفادن خاطر ڪير ڪيترو بيهي سگهي ٿو، ان جي حوالي سان به سياسي ڌرين جو پاڻي ڪڇجي ويو آھي. ٻٻرلوءِ جي احتجاج تاريخي حيثيت حاصل ڪئي آھي. ان ۾ جن جو جيڪو ڪردار هو، اهو ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ چٽو ۽ واضح ٿيندو.