ٺٽو ( رپورٽ : اسماعيل ميمڻ ) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته آدمشماري ۽ ٻين معاملن، وسيلن بابت سي سي آءِ هيستائين سنڌ مخالف فيصلا ڪرڻ ۾ بدنام رهي آهي، ڏسڻو پوندو ته ڪهڙو ۽ ڪيترن ڪئنالن جو معاملو سي سي آءِ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڇا ڪئنالن بابت سنڌ جي ڪيس کي ٻيون ڌريون به سپورٽ ڪنديون يا نه ؟ جڏهن ته ٿيڻ ايئن کپي ها ته وزيراعظم سنڌ مخالف ڪئنالن، ارسا جي هڪ طرفي سرٽيفيڪٽ کي رد ڪري لکت ۾ فيصلو ڏئي ها، هن ٺٽي ۾ مختلف هنڌن تي ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل سي سي آءِ جي جوڙ جڪ سدائين هڪڙي صوبي يعني پنجاب کي ئي سپورٽ ڪرڻ واري رهي آهي، جڏهن ته وقت اچي ويو آهي ته سي سي آءِ فارميشن کي بدلايو وڃي ۽ پيپلز پارٽي کي کپي ته ايوان ۾ ان معاملي تي پيش رفت ڪري هن چيو ته ارسا هميشه غير آئيني ۽ غير قانوني طور پاڻي حوالي سان سنڌ مخالف سرٽيفيڪٽ ڏيندي رهيي آهي، اهو پڇاڻو وفاقي حڪومت کان ڪرڻ گهرجي جيڪا خود پيپلز پارٽي جي سهاري تي ئي بيٺل آهي ۽ مسلسل پيپلز پارٽي جي مئنڊيٽ واري صوبي جي خلاف ئي فيصلا ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته گذريل ڏهاڙي صرف وزيراعظم ڪئنالن خلاف نوٽيفيڪشن جاري ڪري ها پر گڏوگڏ سنڌ کي پياسو رکندڙ چشما جهلم، تونسا پنجند جي به مختلف وقتن کلڻ خلاف ايڪشن کڻڻ جي ڳالهه ڪري ها. هن چيو ته هن وقت به سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ٺٽو، سجاول، بدين ۾ ته مسلسل واري اڏامي رهي آهي سامونڊي ۽ ڪوهستاني پٽي ۾ ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ناهي، ان بابت به وزيراعظم کي لب ڪشائي ڪرڻ کپي ها. هن جو چيو ته هوءَ ڪينالن خلاف وڪيلن جي جدوجهد کي ساراهه جوڳي آهي، هنن وڏي همت ۽ بهادري ڏيکاري آهي، وڙائچ ۽ سندس ٽيم کي ماڻهو سنهري لفظن ۾ تاريخ ۾ ياد رکندا. هن چيو ته حڪومتي پارٽين کي سنڌ جي وڪيلن ۽ عوام جو قدر ڪرڻ گهرجي جن هن سموري جدوجهد کي حاصلات جي قابل بڻايو ۽ پنجاب، وفاق، ارسا ۽ بين ادارن کي بار بار ۽ مسلسل چئلينج ڪيو آهي ۽ سخت گرمي ۽ ڏکين حالتن باوجود مسلسل روڊن ۽ رستن تي رهيا آهن، سندس همتون ۽ جرئتون رائيگان نه وينديون.