اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل نديم رضا ڌار ڌار الوداعي ملاقاتون ڪيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل نديم رضا الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عارف علوي جنرل نديم رضا لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس خدمتن جي تعريف ڪئي. جنهن کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل نديم رضا ملاقات ڪئي، وزيراعظم جنرل نديم رضا جون ملڪ لاءِ خدمتن ۽ آرمي جي اداري لاءِ پيش ڪيل خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم جنرل نديم رضا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ اوهان جي خدمتن تي فخر آهي، اوهان باوقار ۽ باصلاحيت آفيسر طور جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي عهدي تي بهترين خدمتون انجام ڏنيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جنرل نديم رضا جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جڏهن ته چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل نديم رضا وزيراعظم جو پڻ ٿورو ادا ڪيو.