اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سي ايس ايس 2024ع جي لکت واري امتحان جو نتيجو جاري ڪري ڇڏيو. نتيجن موجب، مجموعي طور تي 23100 اميدوارن امتحان لاءِ درخواست ڏني هئي، جڏهن ته 15602 اميدوارن امتحان ۾ شرڪت ڪئي. امتحان ۾ حصو وٺندڙ 15602 اميدوارن مان رڳو 395 اميدوارن کي لکت واري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. سي ايس ايس جي لکت واري امتحان ۾ ڪاميابي جي شرح رڳو 2.53 سيڪڙو رهي. ڪامياب اميدوارن ۾ سنڌ مان معراج يوسف ميراڻي، اورنگزيب ٽالپر، محمد ابراهيم ابڙو، عيوض احمد جوڻيجو، شهريار شفقت شيخ ، پير حسيب الله جان سرهندي، فرح ناز سولنگي ۽ ٻيا شامل آھن.