سيھڙ (ن پ ا) سيهڙ اسٽيشن واسي 6 سالن جو معصوم ٻارڙو ثمير پٽ ساجد سرگاڻي کي 2 هفتا اڳ ڳوٺ ۾ رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪيو هو، معصوم ٻالڪ کي ڪتي جي چڪ واري وئڪسين نه ملڻ سبب ٻالڪ ٻن هفتن بعد فوت ٿي ويو آهي. وارثن جو چوڻ هو ته سيھڙ جي اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ جي وئڪسين نه ھئڻ سبب 2 هفتا گذرڻ بعد ڇتي ڪتي جو زهر ڦهلجي وڃڻ سبب ٻالڪ فوت ٿي ويو آهي.