سيڪيولر ثقافتي تهوار هولي

0
32
سيڪيولر ثقافتي تهوار هولي

هولي سنڌي دراوڙ ماڻهن جو هڪ خوبصورت انڊيجينس، سيڪيولر ۽ ترقي پسند تهوار آهي. روايتي زندگي ۾ تهوارن جو اچڻ هڪ لحاظ کان نواڻ ۽ تازگي جو احساس به آهي، پوءِ کڻي انهن تهوارن پويان تاريخ ۽ ڪٿا ڪهڙي به هجي. سناتن ڌرم جي نالي ڪافي تهوار ملهايا وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهي ثقافتي تهوار به آهن، جيڪي مختلف موسمن سان به منسوب ٿيل آهن. ويساکي، رکڙيءَ، سانوڻ ٽيج ۽ هولي جهڙا تهوار ڌرم کان وڌ ثقافت جي وصف تي ٺهڪن ٿا. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي سيڪيولر زندگي جا عڪس ۽ اولڙا نظر اچن ٿا، ڇو ته انهن ئي تهوارن جي جوهر ۾ رقص و موسيقي، گيت ۽ رنگ جي رومانس جهلڪي ٿي.

                 مون کي مارچ جو مهينو وڻندو آهي، جو ان مهيني ۾ بهار جي موسم جو جوڀن هوندو آهي, نه گهڻي گرمي ۽ نه ئي سردي هوندي آهي. ڪڻڪ ۾ لابارو پوندو آهي, ان مهيني ۾ هولي به ملهائي وڃي ٿي. ڪافي اهڙا تهوار آهن جن کي ڌرم جي غلاف ۾ ويڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر انهن تهوارن ۾ صرف اهي رويا، قدر ۽ رجحان زندھ رهي پروان چڙهي سگهيا آهن، جن ۾ زندگي لاءِ ساھ ٻوساٽ بجاءِ نواڻ، آزادي، محبت ۽ خوبصورتي جي مڌرتا ڪر کڻي جُهومي سگهي. هولي به زندگيءَ سان ڀرپور تهوار آهي:

هوا جو آ ڪي نشان آشڪار هولي ڪا

بجا رباب سي مل ڪر ستار هولي ڪا

سرود رقص هوا، بيشمار هولي ڪا،

هنسي خوشي ۾ بڙا ڪاروبار هولي ڪا،

زبان په نام هوا بار بار هولي ڪا. (نظير اڪبر آبادي)

هولي جو تهوار زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکي ٿو ۽ اهو سيڪيولر ثقافتي پسمنظر هن تهوار جو خوبصورت تعارف آهي. هي ڏڻ بهار جي موسم ۾ اچي ٿو، ۽ هڪ لحاظ کان هي موسمي تهوار به آهي. چيٽ جي ڦوٽهڙو ٿئي ٿو ۽ وڻن ٻوٽن ۾ گئونچ نسرن ٿا. واهوندن جي واهيرن ۾ هي بسنت رت هولي جهڙا رنگ روپ کڻي پورن ماسي جي ڏينهن ۾ ڦگڻ جي آجيان ڪندي آهي. هي اهي ڏينهن آهن، جڏهن ڪڻڪ، سرنهن ۽ سونف جي سرهاڻ سرهائي آڻيندي آهي. پوري سال ۾ هي مند سڳنڌ وتي ۽ دلربا هوندي آهي. هولي ڦڳڻ جي سهائي چوڏس تي ملهائجي ٿي. ميران ٻائي به اهڙي ئي رت جي رومانس محسوس ڪري ٿي، سندس شاعري ۾ موسم جي اثر جو فطري رنگ ملي ٿو. هن جي من ۾ سُرندي جون تارون سُر ڇيڙين ٿيون :

ڦاگڻ ڪي دن چار دي

هولي کيل منا ري

بڻ ڪرتال پکا وج باجي

انهي ري جهنڪاري

بڻ سُر راگ ڇتيون گائون

روم روم انگ سارزي

هولي کيل پيو گهر آوي سوئي

پياري پي پيار ري.

هولي ھڪ قديم تھذيب جو تسلسل ۽ روايت آهي ته ٻئي طرف برھمڻ ازم جي ثقافتي يلغار سبب منسوب نسل پرستاڻي روايت به آهي. علي عباس جلالپوري پنهنجي ڪتاب رسوم اقوام ۾ چوي ٿو: “هولي دراوڙن جو تهوار آهي”. دراوڙ سنڌو ماٿر جي سيڪيولر تهذيب جا اڏيندڙ آهن. موئن جي دڙي مان ناچڻي جي مورتي ملي آهي، هن سمبارا ايئن رقص ڪيو ٿي، جيئن اڄ دراوڙ هولي تي ڪن ٿا:

جب ڦاگن رنگ جهمڪتي هون، تب ديک بهارين هولي ڪي،

پريون ڪي رنگ ڌمڪتي هون، شيشي جام ڇلڪتي هون،

محبوب نشي ۾ جهڪتي هون، تب ديک بهارين هولي ڪي،

آ ڌمڪي عيش و طرب ڪيا ڪيا، جب حسن دکهايا هولي ني. (نظير اڪبر آبادي)

هولي کي بنيادي طرح ڌرمي تهوار طور ملهايو وڃي، پر هولي جي رنگن ۾ سيڪيولر سوچ جا اولڙا نمايان نظر اچن ٿا. هن ڏڻ جي عقيدي واري ڌرمي تشريح کي عقل جي تناظر ۾ به سمجهڻ گهرجي. اڄ جو عقل دوست انسان انهي ڳالھ کي نظر انداز ڪرڻ کان نابري واريندو ته رڳو پوڄا هجي، رنگ گلال، ناچ ۽ نغمو نه هجي:

نيڻن ۾ اُڏري پيو منظر هولي جو

منهنجي چولي جو رنگ اُڏاڻو ٿو وڃي.

هولي ۾ رنگ ورشا ۾ نرتيه گير تجريدي مصوري جو اسڪيچ لڳي ٿي، ۽ دلڪشي جيون ۾ ڪر کڻي رنگن سان راند رمي ٿي. هولي ۾ رنگن جي نغمگي ۽ مڌرتا جو احساس ٿئي ٿو. رقص ڪري ۽ رنگ هاري ماڻهو هڪ ٻي کي پنهنجو ڪن ٿا. ان حوالي سان هولي متڀيد، اوچ نيچ ۽ تعصب پرستي جي خلاف استعارو به آهي. لبن تي لڳل لِپ اِسٽڪ کان سُرمئي ڪجلين اکين تائين، ساڙهي ۽ چولي کان ويندي ٿر تي ٿوهر تائين هي سڀ رنگ هن سنسار جي سونهن آهن، جيڪي هن دنيا کي حقيقي طور تي سرڳ بنائن ٿا. رنگن جي انڊلٺ مان رقص جي عڪس اُڀري پوي ٿو، اهو ئي هولي ملهائڻ جو بهترين نمونو آهي. ائين، هولي جهڙا تهوار نه صرف زندگي جي يڪسانيت ۾ نواڻ آڻين ٿا، پر خوشيون ورهائڻ جو سبق به ڏين ٿا. خوشين کي خريد ڪري ۽ وڪڻي نٿو سگهجي. هڪ ٻي کي رنگ هارڻ جو مطلب زندگي جي خوشين ۾ ٻين کي شامل ڪرڻ آهي. ريت جي ان پريت ۾ هي قبوليت ۽ مڃتا آهي، جيڪا نسل پرستي ۽ فرقيواريت کي نندي ٿي. اهڙي طرح سماج جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهو کي نه صرف خوشين ۾ شريڪ ڪجي ٿو، پر پنهنجو به ڪجي ٿو. هولي جا رنگ سٺي سوچ، امن ۽ آدرش جو سنگم آهن، رنگت جي رڌم ۾ آرٽ جهڙي جمالياتي خوشي محسوس ٿيندي آهي، اهو ئي ثقافتي اهڃاڻ آهي، جيڪو شدت پسندي سامهون ٿي انهيءَ سوچ جي انتها کي ماٺو ڪري ٿو.

سنڌ ۾ هولي ملهائيندڙ دراوڙ قبيلن کي سياسي ۽ سماجي طور پوئتي رکيو ويو آهي. خاص ڪري اَمرڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ضلعن ۾ دراوڙن جو ووٽ هار ۽ جيت جو فيصلو ڪندو آهي. انهن ئي ضلعن ۾ دراوڙن جي حق تلفي ٿئي ٿي. اتي ئي انهن قبيلن جو معاشي استحصال ٿئي ٿو. هڪ پورهيت جيڪو هولي تي به معاشي طور پريشان رهي ٿو، هن کي صرف اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته هن جي غربت ۽ بدحالي جو سبب ڪا به ديوي نه، پر هي پير، وڏيرو، سرمائيدار، جاگيردار، مجموعي طور هي پورو نظام آهي. خوشين جو تعلق به معاشي طور بهتر زندگي ۾ آهي. ماڻهو جڏهن اٽو ۽ ڪپڙا نه خريد ڪري سگهي ته خوشين جي تهوارن ۾ مايوسين جو ڪفر ذهن جي تصورن ۾ ڪاھ ڪري ٿو. ڇو ته معاشي مسئلي جي حل کانسواءِ روحاني مسئلن جي اهميت ڪونهي. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته ڪاروباري ڪلاس انهن تهوارن جي ڏينهن ۾ خوب ڪاروبار ڪري ٿو ۽ غريب طبقو معاشي تنگدستي سبب ڪنهن تهوار تي سيڌو سامان خريد ڪرڻ لاءِ به پريشان هجي ٿو. هولي تي هڪڙن جي گهرن ۾ سهسين طعام پچن ٿا، ته ڪي رُکي ماني تي گذارو ڪن ٿا. هڪڙا سون کي سندوُر هڻن ٿا، ٻيا اٽي لٽي جي پريشاني کانپوءِ پوجا پاٺ ڪن ٿا. هولي تي معاشي طور سگهارا ماڻهو گهر سينگارين ٿا، جشن ڪن ٿا، ۽ طرحين طرحين جا کاڌا پچائين ٿا. انهن ڏينهن تي سرمائيدار خوب ڪاروبار ڪري ٿو. دڪاندار مهانگي اگھ ۾ شيون وڪڻي منافعو ڪمائين ٿا. اهو طبقو، جنهن وٽ هاري پورهيت جي باري ۾ سوچڻ لاءِ وقت ڪونهي، پر ان جي پورهيي جو استحصال ڪندو رهي ٿو.

[email protected]