راولپنڊي(م ڊ) پاڪ افغان سرحدي علائقي حسن خيل وٽ دهشتگردن جي اتر وزيرستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام، سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 54 خوارجي مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو، دهشتگردن خلاف هيل تائين آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جو هي سڀ کان وڏو انگ آهي. آءِ آيس پي آر موجب 25 ۽ 26 اپريل جي وچين رات ۽ وري 26 ۽ 27 اپريل جي رات اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ان وڏي گروهه جي چرپر کي نوٽ ڪيو، جيڪو پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته انٽيليجنس رپورٽن موجب اهي خارجي پنهنجي پرڏيهي آقائن جي چوڻ تي پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي دهشتگرد ڪارروائين لاءِ گهڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. آءِ ايس پي آر موجب جڏهن ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ خارجين جون اهي سرگرميون واضح ٿيون ڪن ته اهي ڪنهن جي اشاري تي ڪم ڪري رهيا آهن.
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 54 خارجي مارڻ تي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ کٽي رهيو آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پريس ڪانفرنس چيو ته دهشتگردن 25۽ 26 اپريل جي رات اتر وزيرستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته فورسز ٽن طرفن کان سندن گهيراءُ ڪيو، خوارجي پاڪستان ۾ گهڙي دهشتگردي ڪرڻ چاهين پيا، جيڪا خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر دهشتگرد پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ساڳيءَ ريت کين مارينداسين، انهن کي پڪڙي مارينداسين. پاڪستان خلاف جيڪو به سازش ڪندو، ان کي معاف نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن واقعو ٿيو ته انڊيا کي پتو لڳي ويندو، پهلگام واقعي تي اڻڌري ۽ شفاف جاچ لاءِ تيار آهيون.