اسلام آباد(بيورورپورٽ) گهرووزارت محرم الحرام دوران سيڪورٽي خدشن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فوج مقرر ڪئي ويندي. ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. اهو مطالبو چئين صوبن ۽ گلگت حڪومتن ڪيو هيو. اسلام آباد ۾ به فوج مقرر ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب فوج سول ادارن جي مدد لاءِ سيڪورٽي جا فرض انجام ڏيندي.