سيڪريٽ ايڪٽ تحت هاڻ بنا پاس ڪنٽونمينٽ ايريا ويندڙن جو به ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو: آئيني بينچ

0
17
سيڪريٽ ايڪٽ تحت هاڻ بنا پاس ڪنٽونمينٽ ايريا ويندڙن جو به ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو: آئيني بينچ
سيڪريٽ ايڪٽ تحت هاڻ بنا پاس ڪنٽونمينٽ ايريا ويندڙن جو به ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو: آئيني بينچ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي، جسٽس امين الدين خان  چيو ته آرٽيڪل 175 کي ڪنهن چئلينج ناهي ڪيو.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان پهرين ڏينهن چئي رهيا آهيون ته جيڪا ڪمي ايف بي علي ڪيس ۾ هئي اها اڄ به آهي. جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته ڳٺ جوڙ جو لفظ ته تمام خطرناڪ آهي. ڪنٽومينٽ ايريا ۾ ويندڙن جو به ڪورٽ مارشل ٿي سگهي ٿو. سيڪريٽ ايڪٽ مطابق هاڻي بناپاس جي ڪنٽومينٽ ايريا ۾ وڃڻ واري جو ڪورٽ مارشل ٿيندو. ڪنٽومينٽ ايريا ۾ شاپنگ ڪرڻ وارا به گرفتار ٿي سگهن ٿا. فوجي عدالتن ۾ سويلين ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس امين الدين خان چيو ته آرٽيڪل 175 کي ڪنهن چئلينج ناهي ڪيو. ان تي خواجه حارث چيو ته سلمان اڪرم راجه سمورا دليل ئي 175 تي ڏنا آهن. جسٽس جمال مندوخيل سوال اُٿاريو ته 175 کان هٽي به سويلين جي ملٽري ٽرائل جي اجازت آهي؟ خواجه حارث جواب ڏنو ته محرم علي ۽ لياقت حسين ڪيس ۾ هي سموريون شيون موجود آهن. آرمڊ فورسز سان تعلق وارو پوائنٽ ايف بي علي مان ئي نڪتو آهي. جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان اهو چئي رهيا آهيون ته جيڪا ڪمي ايف بي علي ڪيس ۾ هئي اها اڄ به آهي. خواجه حارث چيو جيڪو اوهان چئي رهيا آهيو اها 9 رڪني بينچ جي راءِ آهي. جسٽش امين الدين خان چيو جيڪڏهن اوهان تعلق جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته اهو به آبزرويشن ناهي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊفينس آف پاڪستان  ڊفينس آف سروسز آف پاڪستان ٻه عليحده شيون آهن. خواجه حارث چيو سول ڊفينس جو ملڪ جي ڊفينس سان ڪو تعلق ناهي. ان ۾  ڏوهه ان نوعيت جو هجڻ گهرجي. جيڪو آرمڊ فورسز تي اثر ڪري. سروس ۾ ته سمورا ميمبر آف آرمڊ فورسز ايندا آهن. چهن چيو 8 ٿري اي ۾ ڏسو. ڊسيپلين جي ڳالهه ٿي رهي آهي. جسٽس نعيم اختر افغان چيو ڳٺ جوڙ جو لفظ ته تمام گهڻو خطرناڪ آهي. ڪنٽومينٽ ايريا ۾ ويندڙن جو به ڪورٽ مارسل ٿي سگهي ٿو. سيڪريٽ ايڪٽ مطابق هاڻي بغير پاس جي ڪنٽومينٽ ايريا ۾ ويندڙن جو ڪورٽ مارشل ٿيندو. ڪنٽومينٽ ايريا ۾ شاپنگ لاءِ ويندڙن کي به گرفتار ڪري سگهجي ٿو. پابندي پيل هنڌ ۾ داخل ٿيڻ به خلاف ورزي ۾ ايندوآهي. هن چيو ته ڪنٽومينٽ جي اندر شاپنگ مالز ٺهي ويا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن مون کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ملي ته؟ جيڪڏهن مون وٽ پاس ناهي ۽ مان زبردستي اندر داخل ٿي وڃا ته منهنجو به ملٽري ٽرائل ٿيندو؟ جسٽس محمد علي مظهر چيو ممنوع جاءِ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون جايون اچن ٿيون اِن کي پڙهي وٺو. جسٽس جمال مندوخيل چيو مان پاڻ ڪنٽومينٽ ايريا ۾ رهندو آهيان ۽ بغير پاس جي اندر نٿو وڄي سگهان. جيڪڏهن ممنوع جاءِ تي وڃڻ تي ملٽري ٽرائل شروع ٿئي ته ڪنهن جو به ملٽري ٽرائل ڪرڻ تمام گهڻو آسان هوندو. جسٽس نعيم اختر افغان چيو لاهور، ڪوئيٽا، گوجرانوالا ۾ ڪينٽ جا علائقا آهن. ائين ته سويلين انڊر ٿريٽ هوندا. وزارت دفاع جي وڪيل وضاحت ڪئي ته ائين تڏهن ٿيندو جڏهن ڪنهن علائقي کي ممنوع قرار ڏيندي ان کي نوٽيفاءِ ڪيو ويو هجي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته شاپنگ مالز کي ممنوع علائقو ته قرار نٿو ڏئي سگهجي.