ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) منيمم ويجز بورڊ غيرهنرمند ۽ هنر مند پورهيتن جي گھٽ ۾گھٽ اجرت مقرر ڪرڻ جي تجويز سنڌ حڪومت حوالي ڪئي وئي آهي، غيرهنرمندن جي ماهوار اجرت 40 هزار ، نيم هنرمندن جي ماهوار اجرت 41280، هنرمندن جي ماهوار اجرت 48910 ۽ اعليٰ مهارت   (هائلي اسڪلڊ) وارن ورڪرن جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار پگھار 50866 رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان حوالي سان منيمم ويجز بورڊ جي سيڪريٽري نعيم منگي چيو ته ڄاڻايل گھٽ ۾ گھٽ اجرت بابت سمورا اسٽيڪ هولڊر پنهنجا اعتراض 14 ڏينهن اندر جمع ڪرائي سگھن ٿا. جنهن بعد پهرين جولاءِ طئه ٿيل  اجرت تي عمل  ڪرايو ويندو.