ڪراچي: زير تربيت ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي ٽيم ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ ڪيترائي ڇاپا هڻي چڪي، ڊي ايس پي بااثر هجڻ ڪري سندس خلاف اڳ ۾ ڪا ڪارروائي نه ٿي سگهي هئي. ذريعن موجب ڊي ايس پي عمير طارق باجاري ايس ايس پي سائوٿ عمران قريشي جو منظور نظر رهيو، ڊي ايس پي جي ٽيم ۾ نجي ماڻهو به شامل هئا، جيڪي ڇاپا هڻندا هئا