ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ واپاري جي گهر ۾ 4 ڪروڙن جي ڌاڙي  واري ڪيس ۾ گرفتار ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي ضمانت منظور: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي  جاچ ڏکڻ ضلعي کان اولهه منتقل ڪري ڇڏي، عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل، پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ڪراچي جاچ ٻئي ضلعي ڏانهن منتقل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، عدالت جاڄ منتقل ڪرڻ بعد درخواست اڪلائي ڇڏي، انهي کان اڳ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس جو چالان جمع ڪرايو ويو آهي، جوابدار جاچ آفيسر کي تبديل ڪرائڻ چاهي ٿو ته درخواست ڏئي، جنهن تي جسٽس امجد سهتو چيو ته اسان توهان کي مشورو ڏيڻ لاءِ نه پر ڪيس جا تفصيل ٻڌائڻ لاءِ طلب ڪيو آهي، جيڪڏھن جوابدار کي جاچ تي تحفظات آهن ته شفاف ٽرائل لاءِ جاچ منتقل ڪرائڻ سندس حق آھي، هوڏانهن ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اولهه جي عدالت ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.