اسلام ڪوٽ(ن پ ا) اسلام ڪوٽ اسپتال جي ليبارٽري تي سيکڙاٽ عملو، غلط ٽيسٽن عيوض انساني زندگين سان کيڏڻ لڳو آهي، شڪايتن تي جاچ ڪاميٽي قائم  ئي وئي آهي. ان ڏس ۾ پي پي ايچ آءِ اسلام ڪوٽ جي رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال ۾ ليبارٽري تي سيکڙاٽ عملو مقرر ڪيو ويو آهي، جنھن سبب انساني زندگيون داءُ تي لڳي ويون آھن،گذريل ڏينھن اسلام ڪوٽ واسي ارشد بجير جي گھرواري کي ڊليوري ڪيس ۾ اسپتال آندو ويو، جتي غلط ٽيسٽن مريض جا پليٽيليٽس 33 ھزار ۽ بلڊگروپس بي پازيٽو ڄاڻائي ايمرجنسي بنيادن تي ريفر ڪيو ويو ته جيترو ٿي سگھي انڊس بدين يا حيدرآباد اسپتال پھچو نه ته مريض ايڪسپائير ٿي ويندو، انھي مريض کي وارث سول اسپتال مٺي کڻائي پھتا اتي ٽيسٽن ۾ پليٽيليٽس 1 لک 36 ھزار آيا ۽ بلڊ گروپ او پازيٽو آيو، اسلام ڪوٽ اسپتال جي ليبارٽري ۾ مريض جي جنھن ٽيسٽ ڪئي آھي، اھو ليبارٽري ٽيڪنيشن نه پر اسٽاف نرس ھو، غلط ٽيسٽن جو ڊي ايچ او ٿرپارڪر ليکراج سارنگاڻي نوٽيس وٺندي جانچ لاءِ ٽي رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ورتي آهي، ڪاميٽي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سنديپ ڪمار، تعلقا ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ ڊاڪٽر نصرالله تي ٻڌل ٽي رڪني ڪاميٽي کان ٽن ڏينھن ۾ جاچ ڪري رپورٽ گھري ورتي آهي،