اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزير اعظم پاڪستان انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪونسل جي ايپڪس ڪاميٽيءَ جو ستون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، نگران ڪابينا جي ميمبرن، نگران صوبائي وزير اعليٰ ۽  لاڳاپيل اعليٰ حڪومت عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس آءِ ايف سي جي تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو، مختلف وزارتن پاران سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، ڪاميٽي ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ دوست ملڪن سان رابطن ۾ تيزي، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي تعاون سان کنيل قدمن جي تعريف ڪئي. ڪاميٽي خساري جو شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري واري عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزير اعظم سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪونسل تحت قدمن تي ڀرپور تعاون ۽ محنت سان عمل ڪيو وڃي،آرمي چيف پاڪستان ۾ پائيدار معاشي بحالي ۾ پاڪ فوج جي حڪومت سان مڪمل تعاون ۽ عزم جي خاطري ڪرائي.