گورنرشپ ته ذميواري وارو منصب آهي. گورنر وفاق جو صوبي ۾ نمائندو هوندو آهي، پر هن وقت گورنر هائوس مان جهڙي قسم جا بيان پيا اچن، جهڙي ٻولي ڳالهائي پئي وڃي ۽ اُن ٻوليءَ مان جيڪو ڪن ڌُرين کي اُتساهه پيو ملي، اُن ڪراچيءَ جي امن لاءِ خطري جا سائرن وڄائي ڇڏيا آهن. ڪراچيءَ جي ماڻهن کي وري هن شهر جي 90ع واري ڏهاڪي ڏانهن موٽ وارو خوف ورائي ويو آهي ۽ ان خوف کي تقويت وري ڪراچي ۾ منظم رٿابندي سان ڊمپرن ۽ ٻين گاڏين کي ساڙڻ وارن واقعن مان ملي رهي آهي. ڊي آءِ جي اولهه (ڪراچي) موجب: “فوٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته، ڊمپر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو پر موٽر سائيڪل تي ڪوبه ماڻهو سوار نه هو. منصوبا بندي سان گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. ڊمپر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته، ڊمپر جي اڳيان خالي موٽر سائيڪل ڏني وئي، ڪو به حادثو نه ٿيو هو ۽ رٿابندي سان گاڏيون ساڙيون ويون، پوليس موجب هيستائين 19 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ملڪ جي معاشي سرگرمين جو مرڪز آهي. ڪراچي جون حالتون، خاص طور تي معاشي سرگرمين ۾ رخنو ۽ رنڊڪ عالمي سطح تي ڌيان ڇڪائينديون رهنديون آهن. ڪراچي جي حالتن جي نبض مان ٻاهريان ملڪ پاڪستان جي حالتن جو اندازو لڳائيندا آهن. ڪراچي جي، تاريخ ۾ روشنين جي شهر واري سڃاڻپ رهي آهي ۽ 90ع واري ڏهاڪي ۾ ان روشنين جي شهر واري مفهوم کي نئين ۽ منفرد سڃاڻپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. روشنين جي شهر جي ٽائيٽل جو دفاع هن ريت به ٿيندو رهيو، جو ان ڀيري انهن روشنين جو اهتمام گاڏيون، آفيسون ۽ پيٽرول پمپ وغيره ساڙي ڪيو ويو. انهن شعلن ۽ ڄِڀين ۾ ڪراچيءَ جو امن ۽ واپاري سرگرميون سڙي ڀسم ٿي ويون. واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو پنهنجا ڪاروبار ٻين شهرن ۽ ٻين ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ لڳا. نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل ٽارگيٽيڊ آپريشن کان پوءِ آهستي آهستي صورتحال ۾ بهتري ايندي وئي. غير يقيني جو ڪوهيڙو ختم ٿيو، عقوبت خانا ختم ٿيا. هاڻي وري ائين لڳي رهيو آهي ته، ڪي قوتون وري سنڌ جي راڄڌاني کي انهن ئي پيچرن تي هلائڻ چاهين ٿيون، جنهن جو اندازو ڪجهه ڏينهن کان ٿيندڙ سرگرمين، بي امني ۽ باهه لڳائيندڙ بيانن مان آساني سان لڳائي سگهجي ٿو. متحده جي مهندارن جا بيان هجن يا وري گورنر بهادر جي شعلا بياني، اها ڪنهن خير جي خبر جي نويد نه ڏئي رهيا آهن. ٻيو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪينالن خلاف احتجاج هلي رهيو آهي، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، اُن وقت اهي حالتون پيدا ڪرڻ ڪو نئون ممڻ مچائڻ جو ڏس ڏين ٿيون. جيتري قدر ڊمپرن جو تعلق آهي ته جڏهن هڪ رات ۾ 11-10 ڊمپر ساڙيا وڃن ٿا ته ان حوالي سان پوليس جي رپورٽ موجب اهو رٿابندي سان ڪيو پيو وڃي ۽ جواز پيدا ڪرڻ لاءِ بنان سوار جي هڪ موٽرسائيڪل ڊمپر اڳيان ڏئي نه صرف اهو ڊمپر ساڙيو ويو پر ٻين ڊمپرن ۽ گاڏين کي باهيون ڏنيون ويو. سوال اهو آهي ته، اها رٿابندي اگر آهي ته، اها ڪير پيو ڪري؟ هنن حالتن ۾ گورنر بهادر جا بيان ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪري رهيا آهن.
هڪ طرف اسان جا حڪمران سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ لاءِ مختلف قدم کڻي رهيا آهن، مختلف ملڪن سان معاهدا ڪري رهيا آهن، حڪومت جو سڄو زور ان تي آهي ته، ملڪ ۾ گهڻي کان گهڻي سيڙپڪاري آڻجي پر ٻئي طرف غير يقيني حالتون پيدا ڪري ڪي ڌُريون آخر ڪهڙو پيغام ڏئي رهيون آهن؟ سيڙپڪارن کي اڳ ئي امن امان جي خراب هالتن جي حوالي سان تحفظات رهيا آهن. هر سيڙپڪار پنهنجي موڙي جو تحفظ چاهيندو آهي، انهن حالتن ۾ سيڙپڪار ڪيئن سيڙپڪاري جو جوکم کڻندا؟ ان ڪري حڪومت تي لازمي ٿو بڻجي ته اها حالتون خراب ڪندڙ ڌُرين کي ناڪيلي وجهي، جيڪي غير يقيني پيدا ڪري سيڙپڪارن کي پري رکڻ جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ وڳوڙ ڪرائڻ چاهين ٿيون. جيڪا سياسي ڌر وفاق ۾ سنڌ جي حڪمران پارٽي جي اتحادي آهي، ان کي به سنڌ ۾ امن امان جي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.