حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سيڊا پاران آبيانو وڌائڻ تي غور، اوڳاڙي نه ٿيڻ تي چيئرمين کي ڳڻتي سيڊا بورڊ جي اجلاس ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ 20هين گريڊ جي جنرل مئنيجر آپريشن جئه رام موٽواڻي کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به 6 مهينن تائين اسٽاپ گيپ قانون تحت ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جئه رام موٽواڻي کي 6 مهينن تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي ٻن ميمبرن مخالفت به ڪئي پر اڪثريتي حمايت سبب کيس 6 مهينن تائين ڪم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سيڊا بورڊ جو 57هون اجلاس چيئرمين قبول محمد کٽياڻ جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سيڊا بورڊ جي آبپاشي، زراعت، فنانس ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي سيڪريٽرين بدران سندن نمائندن شرڪت ڪئي. ذريعن موجب سيڊا جو جنرل مئنيجر آپريشن جئه رام موٽواڻي (اڄ) رٽائرڊ ٿيڻو هو پر کيس رٽائرمينٽ کان اڳ ئي 6 مهينن تائين ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. سندس ٻيهر مقرري تي آبپاشي کاتي جي نمائندي چيف انجنيئر ايوب سومري ۽ ميمبر بخشل لاشاري اعتراض واريا ته رولز اينڊ ريگيوليشن تحت جئه رام جي مقرري ڪئي وڃي ۽ سندس پگهار سيڊا بدران پروجيڪٽ جي بجيٽ مان جاري ڪئي وڃي پر سندن اعتراضن کي رد ڪري اڪثريتي راءِ جي ڪري سندس مقرري جي منظوري ڏني وئي. ٻئي طرف سيڊا جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته آبياني جا اگهه گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان ساڳيا آھن جن کي وڌائڻ جي ضرورت آھي ته جيئن آبپاشي نظام تي ايندڙ خرچ پورو ڪري سگھجي. آبياني جا اگھه گھٽ ھئڻ باوجود آبادگار اهو آبيانو به پابندي سان ادا نٿا ڪن. ھن ٽنھي ايريا واٽر بورڊن جي ڊائريڪٽرن کي ھدايت ڪئي ته آبياني جي وصولي کي تيز ڪيو وڃي ۽ رهتون نه ڏيندڙ آبادگارن جي ھر بل ۾ رهتن کي واضح انداز ۾ ڄاڻايو وڃي ته جيئن انھن کي احساس ٿئي ته اھي رهتون کين ڀرڻيون آھن. ھن سيڊا طرفان آبياني جي وصولي لاءِ اي بلنگ ڪرڻ واري ڪم جي تعريف ڪئي ۽ ھدايت ڏني ته اي بلنگ لاءِ سمورا انگ اکر جلد تيار ڪري اھو ڪم عملي طور شروع ڪيو وڃي ته جيئن آبياني جي وصولي کي بھتر بڻائي سگھجي.