حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جي چيئرمين قبول محمد کٽياڻ ارسا ايڪٽ ۾ تجويز ڪيل ترميمن کي غير قانوني قرار ڏئي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ هن چيو ته ارسا ايڪٽ چئني صوبن جي رضامندي سان جوڙيو ويو هو. ان ۾ ڪنھن به ترميم کي سنڌ صوبو قبول نه ڪندو. سنڌ حڪومت، آبپاشي کاتو، ان جو وزير ۽ آبادگار توڙي سول سوسائٽي جا نمائنده اھڙي ترميم جي مذمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ صوبو پڇڙي ۾ ھئڻ سبب اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيو آھي. اھڙي صورتحال ۾ ارسا ايڪٽ سان ڇيڙ ڇاڙ وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿيندي. ھن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني تبديلي کي روڪي سنڌ جي آبادگارن ۾ پيدا ٿيل ڳڻتي کي ختم ڪيو وڃي.