سکر (بيورو رپورٽ) لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو جو قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام. سيپڪو ملازمن پاران قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ شهر جي بجلي بندڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چار ڏينهن اڳ سکر گهنٽا گهر ويجهو مهراڻ مرڪز ۾ بجليءَ جي بل واري معاملي تان سوئا کڻي قتل ڪيل لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو جا قاتل هن وقت تائين پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي. سيپڪو ملازم يونين پاران قاتل جي گرفتاري لاءِ مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. مظاهرين ايس ايس پي سکر، پوليس توڙي قاتل خلاف زوردار نعريبازي ڪئي. اِن موقعي تي شجاعت گهمرو، خليل ڊومڪي ۽ ٻين چيو ته سخت گرميءَ ۾ اسان پنهنجي ساٿيءَ جي خون سان انصاف لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر ايئرڪنڊيشن رومز ۾ ويٺل پوليس آفيسرن کي اِن ڳالهه جو احساس ناهي، ايس ايس پي سکر اظهر مغل هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قاتل جي گرفتاريءَ لاءِ مهلت ورتي آهي پر قاتل حسنين قريشي هن وقت تائين قانون جي گرفت ۾ ناهي اچي سگهيو. هنن چيو ته شهر ۾ ڦر، چوري توڙي قتل و غارت جا واقعا عام آهن جن کي موجوده ايس ايس پي سکر روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آهي، ڊيوٽي دوران لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو جي بيدردي سان قتل سبب ملازمن ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني پکڙيل آهي. اسان پر امن احتجاج وارو رستو اختيار ڪيو آهي، پر اسان کي ڪمزور به سمجهيو وڃي. هنن چتاءٌ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جلد قاتل گرفتار نه ٿيو ته اڄ پوري شهر جي بجلي بند ڪئي ويندي، اِن دوران ڪو به نقصان، پريشاني ٿي ته اِن جي ذميواري ايس ايس پي سکر ۽ لاڳاپيل ذميوار پوليس آفيسرن مٿان عائد ٿيندي. ٻئي طرف سيپڪو چيف اعجاز احمد چنا فھيم سميجو جو قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي پوليس لائن، ايس ايس پي آفيس توڙي حد جي ٿاڻي جي بجلي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سيپڪو چيف اعجاز احمد چنا جو چوڻ آهي ته جيڪڏھن اسان جي ملازم فھيم سميجو جي قاتل کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته پوءِ سيپڪو جا آفيسر ۽ ملازم پنھنجي احتجاج جي ٻئي مرحلي ۾ پوليس لائين، ايس ايس پي آفيس ۽ حد جي ٿاڻي جي بجلي بند احتجاج طور بند ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن اِن باوجود قاتل گرفتار نه ٿيو ته اسان پوليس ڊپارٽمينٽ جي سمورين آفيسن جي بجلي بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين.