سيٺارجا ( ن پ ا) سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي مختلف وارڊن جي رهواسين ميرل لُنڊ، احمد علي ، شفقت خاصخيلي، آصف علي ، ظهير لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي رهواسين صحافين سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي چيئرمين انجنيئر ڪامران عباس ڪٻر ترقياتي ڪمن جي ٽينڊر ۾ مخصوص من پسند ڪائونسلرن جي وارڊن کي ترقياتي ڪمن سان نوازيو آهي، جڏهن ته پٺتي پيل ۽ ماضي ۾ مسلسل نظر انداز ٿيندڙ وارڊن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ترقياتي ڪمن جي جاري ٿيل ٽينڊر ۾ نظر انداز ڪيو ويو، هنن چيو ته اسان جي وارڊن ۾ بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي، هنن مطالبو ڪيو تہ فوري نوٽيس وٺي سڀني وارڊن ۾ برابري جي بنياد تي ترقياتي فنڊ فراهم ڪيا وڃن، هوڏانهن چيئرمين ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا انجنيئر ڪامران عباس رابطو ڪرڻ تي مئوقف ڏيندي چيو ته اسين ٽائون ڪاميٽي جي سمورن وارڊن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ لاءِ 14 ڪروڙ روپين جو ٽينڊر ڪرايو آهي، جنهن جو ڪم جلد شروع ٿي ويندو، ڪنهن به علائقي کي نظر انداز ناهي ڪيو ويو ۽ هر وارڊ کي ضرورت موجب ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون آهن.