شهدادپور/سيٺارجا (نمائندن وٽان) سيٺارجا ڀرسان مهراڻ هاءِ تي پير ٻڍڙو اسٽاپ وٽ شهدادپور کان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو بينظير ي ورسي ۾ ويندڙ شاهد ٿهيم جي اڳواڻي ۾ نڪتل قافلي جي وين ۽ چونڊڪو مان ڪراچي ويندڙ وين ۾ آمهون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته شھدادپور واسي وين ڊرائيور محمد جان فوت ٿي ويو، زخمين ۾ ڪوڏيجي واسي عقيلا، قرت العين، برڪت، مونا ميرجت، راڻيپور واسڻ زاهدان ڀٽي، جيالا اعجاز، سليم، غلام محمد، الاهي بخش، لياقت، نور محمد، خدا بخش، گلاب، الهڏتو، شھمير، شڪور، نادر علي ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، زخمين مان 6 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.