سيٺارجا (ن پ ا) سيٺارجا شهر جي عثمان آباد پاڙي مان پراسرار نموني گم ٿيل هندو نينگري ڪرينا ڀيل 10 ڏينهن گذرڻ باوجود نه ملي سگهي آهي، ڪالهه نينگري جي وارثن ۽ اقليتي برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ سيٺارجا ٿاڻي جي گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي نينگري جي والد جاويد ڀيل، ڏاڏي استاد ڦولجي ڀيل ۽ ٻين چيو ته 10 ڏينهن گذرڻ باوجود سندن نياڻي بازياب ناهي ٿي، سيٺارجا پوليس نينگري جي ڳولا لاءِ هن وقت تائي ڪو به تحرڪ ناهي ورتو.