سيٺارجا (ن پ ا) گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول سيٺارجا مان سال 1983ع ۾ گڏ 10 سال گذاري مئٽرڪ پاس ڪندڙ اڳوڻن شاگردن پاران ٺاھيل اولڊ اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن جي ڇهين سالياني گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ ڊي ايس پي اسرار آرائين، الطاف حسين سھتو، نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر ھاشم شاهه، ياسين ڪمبوهه، سعيد لنڊ، عبدالحميد ملڪ، محمد موريل، عباس ملاح، ڪريم بخش ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن اسڪول جي زماني جي يادن کي تازو ڪيو، جڏهن ته سٿ جي ساٿي نصير محمد سھتو سميت ٻين دوستن جي وڇوڙي تي سندن روح کي ثواب بخشڻ لاءِ قل پڙھي دعا گھري وئي، اسرار آرائين ۽ ٻين چيو ته ھن سالياني گڏجاڻي جو مقصد اسڪول جي زماني جي يادن کي تازو ڪرڻ سميت ھڪٻئي جا ڏک سور معلوم ڪرڻ آھي، اھڙي طرح ڀوڳن ٽھڪن ۽ خوبصورت يادن سان گڏجاڻي اختتام تي پھتي.